چَئُہ بابت
معنيٰ
آک، سڏِ، ٻُڌاءِ.
Say, tell, utter.
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقُ چَئُہ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئُہ مَعشُوقُ، خالِقُ چَئُہ خامَ تُون، مَ ڪِي چَئُہ مَخلُوقُ، سَلِجِ تَنھِن سُلوڪُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، وائِي ٻِي وِسارِ تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ، تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وارِجِ مَ وائِي، سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- جيڪِي ڏِنائُون، سو سِرُ ڏيئِي سَھُ جِندَڙا، مَ چَئُہ ڇِنائُون، اِيءُ پُڻ ڳَنڍئو سَڄَڻين.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ھُو چونِئِي تُون مَ چَئُہُ، مَنُ ماري ڪَرِ مُوءِ، ڪَڍُ دَغائِي دِلِ مان، ھاگا مان ۽ ھُوءِ، تَہ آگو سَنجِهہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ھُو چوِنِئِي تُون مَ چَئُہ، واتان وَرائي، اَڳھَيِن اَڳِرائِي جَو ڪَري، خَطا سو کائي، پاندَ ۾ پائي، نِيو ڪِيني واري…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ھُو چُونِئِي تُون مَ چَئُہ، واتان وَرائي ويڻُ، سَڀَنِ سين سَيِّدُ چئَي، مَنُ ماري ڪَرِ ميڻُ، کانڌِ وَڏوئِي کيڻُ، ڪِيني…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- اَڻَ چُوندَلَنِ مَ چَئُہ، چُوندَلَنِ چَيو وِسارِ، پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ، اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- لَڪِ لاکِيڻو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڳِڌومِ، اڱَڻِ سُونھَن ٿِئومِ، مُلِهہ مَهانگو مَ چَئُہُ.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- مَ ڪِي ھيجِ مَ ھوجَ، تَرسُ مَ تاڻِ جَھازَ، چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ، تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪَرِ گهَڻِيون، ٻِلَهہ ٽِلَهہ ڪامَ ٿِئي، سَڀَ چالُون چَئُہ ٿَڻِيُون، ڪُونھُون ڄَڻي ڪامَ ڪا، سَڀَيئِي…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- پَسِي ڏُونگَرَ ڏاھَ، جِمَ ھَلَڻَ ۾ ھيڻِي وَھين، لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاھِ، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچاڻِي باھِ،…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- دَوڪَ دَھلِئا جِتِ، گورا ھَلَنِ نَہ گَسَ ۾، چَئُہ سالَ ئِي نَہ چَلِڻا، تَنگِ نِھاري تِتِ، سُوڌِي نِي سَيِّدُ چئَي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِئو، ڀِنِيءَ ويھِي ڀانَ، راجا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ، آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، مُقابِل مَيدانَ، گهورِيا لَکَ لَطِيفُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪُونجُنِ کي ڪِيمَ چَئُہ، جٖي ٻاجهارو ٻولِينِ، سارئو سانبِيَڙَنِ کي، رَڙِيُون ڪِئو رُئَنِ، سائِين سَندا اُنِ، ٻَچا ميڙِيين ٻاجَهہ سين.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي، تانۡ تانۡ ناھِ نِمازَ، سَڀَ وِڃائي سازَ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُہ.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي، تانۡ تانۡ ناھِ سُجُودُ، وِڃائي وُجُودُ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُہ.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]