ٻَھَرِ بابت
معنيٰ
ٻاهرين پاسي، پسگردائي ۾، گردونواح ۾.
The outside, exterior. The outer part.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا پَٽِ سُونھَنِ، سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ، اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نَڪو، اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي، وَسائِيندِي وِڄُڙي، حُبَ جَھِين کي ھوءِ، لالَڻُ جَنِي لوءِ، تَنِ اوڪاڻِيُون نَہ اَکِيُون.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي، ٻَھَرِ بَرَسي اَپارَ، وَرَ جَنِ جا پارَ، تَنِ جُون اوڪاڻِيون نَہ اَکِيُون.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- راڻي رِڻُ ڪِئو، جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين، مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، ٻُجهان ٻَھَرِ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ اَڳِيين.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جٖي، وَتَنِ ۾ وَھلُورَ، ٻَھَرِ ٻولِيءَ ٻِيءَ ڦِرَنِ، گَهٽَ ۾ گهايَلَ گهُورَ، چِتَ جَنِي جا چُورَ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ، سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ، وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ٻَھَرِ رَلا رَلِيون، ٻَھَرِ پٽولا، اِنَهيءَ پَرِ ڪاپَڙِي، صاحِبَ جا گهورا.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- رُوحَ ۾ رَھِيُنِ رامُ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو، پِيالا پُرِ ڪَري، جوپَ پِيتائُون جامُ، تِھان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- رامُ رَھِيُنِ ۾ رُوحَ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو، سَدائِين سَفَرَ ۾، مَٿا ٿِئَڙَنِ مُوھَ، سامِيَنِ جا صُبوحَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي ميري ساڻُ، ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ، خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- جِھَڙا ڪَڻِڄِ ڪَکَڙا، تِھَڙا جائِنِ ڦُلَ، تَنِ سامِيَنِ جي سَڌَ مَران، جَنِ جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ، اَندَرِ مُلَ اَمُلَهہ، ٻَھَرِ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين، ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ، اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- نِھائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ سين اُڌَمِئا، سَڙِئا مَنجِهين ماڻَ، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- اَندَرِ وِھارِيين ڪانءُ، ٻَھَرِ ٻولِي ھَنجَ جِي، اِھَڙو ٺَلهو ٿانءُ، ڀَڃي ڀورا نَہ ڪَرِيين.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]