ٻَھَرِ جي سنڌي معنيٰ
ٻاهرين پاسي، پسگردائي ۾، گردونواح ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The outside, exterior. The outer part.
ٻَھَرِ جا بيتن ۾ حوالا
ٻَھَرِ رَلا رَلِيون، ٻَھَرِ پٽولا،
اِنَهيءَ پَرِ ڪاپَڙِي، صاحِبَ جا گهورا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 17 ]
اِنَهيءَ پَرِ ڪاپَڙِي، صاحِبَ جا گهورا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 17 ]
اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا پَٽِ سُونھَنِ،
سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ،
اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي سارَنگُ سارِيان،
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 21 ]
سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ،
اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي سارَنگُ سارِيان،
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 21 ]
ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نَڪو، اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي،
وَسائِيندِي وِڄُڙي، حُبَ جَھِين کي ھوءِ،
لالَڻُ جَنِي لوءِ، تَنِ اوڪاڻِيُون نَہ اَکِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 18 ]
وَسائِيندِي وِڄُڙي، حُبَ جَھِين کي ھوءِ،
لالَڻُ جَنِي لوءِ، تَنِ اوڪاڻِيُون نَہ اَکِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 18 ]
اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي، ٻَھَرِ بَرَسي اَپارَ،
وَرَ جَنِ جا پارَ، تَنِ جُون اوڪاڻِيون نَہ اَکِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 19 ]
وَرَ جَنِ جا پارَ، تَنِ جُون اوڪاڻِيون نَہ اَکِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 19 ]
راڻي رِڻُ ڪِئو، جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين،
مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
ٻُجهان ٻَھَرِ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ اَڳِيين.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 12 ]
مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
ٻُجهان ٻَھَرِ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ اَڳِيين.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 12 ]
ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جٖي، وَتَنِ ۾ وَھلُورَ،
ٻَھَرِ ٻولِيءَ ٻِيءَ ڦِرَنِ، گَهٽَ ۾ گهايَلَ گهُورَ،
چِتَ جَنِي جا چُورَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 1 ]
ٻَھَرِ ٻولِيءَ ٻِيءَ ڦِرَنِ، گَهٽَ ۾ گهايَلَ گهُورَ،
چِتَ جَنِي جا چُورَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 1 ]
جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ،
سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ،
وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،
سوئِي ٻارِجِ، مَچُ، جِيئَن ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 13 ]
سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ،
وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،
سوئِي ٻارِجِ، مَچُ، جِيئَن ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 13 ]
رُوحَ ۾ رَھِيُنِ رامُ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو،
پِيالا پُرِ ڪَري، جوپَ پِيتائُون جامُ،
تِھان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 2 ]
پِيالا پُرِ ڪَري، جوپَ پِيتائُون جامُ،
تِھان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 2 ]
رامُ رَھِيُنِ ۾ رُوحَ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو،
سَدائِين سَفَرَ ۾، مَٿا ٿِئَڙَنِ مُوھَ،
سامِيَنِ جا صُبوحَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 3 ]
سَدائِين سَفَرَ ۾، مَٿا ٿِئَڙَنِ مُوھَ،
سامِيَنِ جا صُبوحَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 3 ]
ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي ميري ساڻُ،
ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ،
خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،
سي ٻَھَرِ نَہ ھَڻَنِ ٻاڻُ، جَنِ گَڏِئو گُرُ گِروانَ ۾.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 8 ]