سِڪَڻُ بابت
معنيٰ
اُڪنڊجڻ، واجهائڻ، تڪڻ. حرص ڪرڻ. آس ٿيڻ. خواھش مند ٿيڻ، گهرجائو ٿيڻ، ضرورتمند ٿيڻ.
To covet, wish, long, to be in a state of desire, yearn.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي تُون سِڪَڻُ سِکِئو، تَہ ڪاتِيءَ پيئِيءَ مَ ڪِنجُهہ، سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڻُهنِ ڏِجي نَہ مَنجُهہ، اَندَرِ اِيءَ اَھِنجُ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ، اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڏاتِ، جاڳَڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ، اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اکَرِ ھيڪَڙي، وِھَڻُ واٽڙِيُنِ تي، گَهارَڻُ ضَرُورِي، ٻِنِهي جِي پُورِي، جِيءَ ڏِني ري نَہ جُڙي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- جيڪي سِڪَڻُ سِکُ، نان تَہ پَسُ سِڪَندِيُون، پاسي تَنِ مَ لِڪُ نِينھُن نَہ سُڃاڻَنِ جي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- کَرَڪَنِ کِجاياسِ، مَحبَتيءَ ميھارَ جي، ڇَڙِڪَنِ جي ڇيڄَ ڪِئا، تَنِ واري وَھِ وِڌِياسِ، لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اَچِي آبِ گهِڙِياسِ،…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ، دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فَرِمايو فَتاحَ، ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ ساھَ، دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو اِرادي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ، مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي،…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڪِجي پَنڌُ پُڇان تو، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئَن، بيخُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوان اِيئَن، سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ مَتان مُٺِي…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- مَنزَلَ دُورِ مَ مَٽِ، ڇَڏِ مَ سَيرُ سِڪَڻُ جو، لَنئُن جِي واٽَ مَ لَٽِ، لَنئُن ريءَ حَيفُ ھُوئَڻَ کي.[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- جيڪا ڪَندِي نِينھُن، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سين، سِڪَڻُ سارو ڏِينھُن، چَڙَهڻُ چاڙِھِيڪَنِ تي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ٿِئومِ، آثارو عِشقَ جو، مَحبُوبَنِ مِنَٿُون ڪَري، سِڪَڻُ سيکارِئومِ، تِھان پوءِ ٿِئومِ پاڻِهين پَسَڻُ پِرِينءَ جو.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نَہ حَدُ، سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ، ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ،…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏُکَ ڪَرِين، جيلاھَ سِڪَڻُ سِکِيُون، تي دَعويٰ مَنجِهہ دَڙِينِ، کِلَنِ ۽ کَڙِينِ، رُسَنِ پَرچَنِ پاڻَ ۾.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]