سِيءَ بابت
معنيٰ
سردي، ٿڌ، سِياٽي، ٺار، ٺَنڀُ، ٺَمُ. ساڙ، پالو، پارو. سرد هَوا.
Cold.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِسِيءَ ڪَنَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِنيَين نَہ جَنِي ڪَنِ، ٻَہ واٽا لُوڻَ جا، ٽِيون واٽو اَنَ.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو، مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ، آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ڍولو وِئَڙو ڏُورِ، آئُون ٿِي سِيءَ گُذارِيان، مادَرِ مُون مَ چورِ، نَہ تَہ پَڌَرِ پُوندِي پِريَڙِي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سَنجهي سِيءَ مَران، ڪوڙيِين ڪَپاھَنِ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران، تارِيءَ تَنھِن تَران، جَنھِن وَرَ وِھاڻِيءَ ووڙِئو.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سِيءَ مَران سَڀَ راتِ، ڪامِلَ ڪَپاھَنِ ۾، جَهپَ نَہ اَچي جهاتِ، اَچين جي پِرِڀاتِ، تَہ آئُون…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ، وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ، ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ڪوڙيِين ھُونِ ڪَپارَ، تَہ وارِيو وارِيو وَڍِيان سِسِيءَ کي سَؤُ وارَ، تَہ پُڻ تَندُ تَنوارَ، تُنھِنجِي…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، صُورَتَ کانيَنِ سِيءَ، اُڀِيَنِ گَهڻي اَدَبَ ۾، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ، جوڳِيَنِ پانھِنجا جِيءَ، لِلہِ ڪارَڻِ لُٽِئا.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ، مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ، بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- گَندِي ۽ گِراھُ، جَنھِن سَناسِيءَ سانڍِئو، اُنِهينءَ کان اللهُ، اَڃا اَڳاھُون ٿِئو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ، ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- لِيبي لَعنَتِيءَ کي، آڻِيءَ ۾ آھي، اَنڌو مُون عَلِيلَ تي، سِينو ٿو ساھي، عَلِي شاھَ اَچيجِ تُون تَنھِن ڪافِرَ تي…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- مارِ مَ مُطِيعَلَ کي، مَجُوسِيءَ کي مارِ، وَڏِي جَنگِ مَ وِسارِ، نَنڍِيان نَفَعُ ناھِ ڪِي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- اَصغَرَ ڏي آھِينِ گَهڻا، تُون اَڪبَرَ ڏي آءُ، مَتان لوڙو، لاھِيين، مَجُوسِيءَ مَٿان، حَيدَرِ جي ھَٿان، وِڙُھ تَہ ويرِي مارِيين.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، وِسِرَنِ ڪِينَ وَري، جَنِ ٿي پَيَ پِيارئو، مَنجهان سِڪَ سَري، پُسِيءَ پاندُ ڀَري، مانَ فاتِحا ڪَنِ…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- عُمَرَ آندِي مارُئِي، ظالمَ زورِ ڪَري، مارُنِ ڌاران ماڙِيين، جَي ٿِي هِتِ مَري، تَہ مَڙُه تَنھِن مُشتاقَ جو، پَھچائِجِ ٿَرين،…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- سَچُ ڪِ اُٺا مِينھَن، مُونھان پوءِ مَلِيرَ ۾، تَنِ ڏوٿِيَنِ لايا ڏِينھَن، پَھرِئا جٖي پُسِيءَ کي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- دَرَ دَرِوازا دَرِيُون، هاڻي هِتي هُوءِ، ڪوڙيِين مَنڊِئا ڪيتِرا، تَنبُو مَٿان تُو، جي مُلِ نَہ آئِيا مارُئِي، تَنِي رَڙُ مَ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]