سيڄَ بابت
معنيٰ
شاديءَ وقت گهوٽ ڪنوار لاءِ ٺاهيل پلنگ، سينگاريل بِستر. پلنگ، ڇپر کٽ، ماه محرم جي ٩ تاريخ تي تابوت سان گڏ گهمايل پلنگ يا سينگاريل کَٽَ.
A bed, couch. The perambulation of the Tabut on the 10th day of Moharam or of a bridegroom in the marriage ceremony.

بيتن ۽ وائين ۾
- اَنڌا اُنڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِيين، اَسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِياريين پيڄَ، سُورِي جَنِي سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنِرا، جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ، اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- عَجَبُ نَينَ تَيرَي، سَرَسُ نَينَ تَيرَي، جَلَ وِچ ڪَنوَلُ ڪَنوَلَ وِچ مُدُوئا، جُون چاند ڪُون بادَلُ گَهيرَي، چُڻِ ڀُڻِ ڪَلِيان…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو، راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ، سيڄَ سُتي نُون جَپِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ڏُکِي ڏِکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي ڪَرِ سَسُئِي، پَٽِيين پيرُ نِھارِ، تَہ آرِياڻِي اُتان لَھين.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي، پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- مُون ڀانيو مُون گهَرِ، ھَميشه ھُوندا پِرِين، ساڄَنَ سيڄَ وِڇايان، جوڙي جِيءَ اَندَرَ، ڪوھُ ڄاڻان ڪَنھِن پَرِ، ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا.[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي اينڊَ پَلاڻَ، وِجِهي گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ڏيئِي تَنگنِ تاڻَ، ڪارُون ڪِيَمِ ڪيتِرا، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، پُنهون…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- جاڳي جاڳي سَسُئِي، جان ھيجان ھَٿَ وِڌاءِ، سيڄَ سُڃِي پِرِينءَ ريءَ، پُنهون پَٿَرِ ناھِ، اُٿِيندي چَياءِ، گهوڙا گهَرِ نَہ سُپِرِين.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ ٻانھِين ٿِي ٻُرا ڪَرِيان، واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ، تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- لُوٺِيَسِ لُڊاڻي، پَسان جو پِرِيَنِ ري، جيڏِيُون جيھائِي ڪِي، سيڄَ سُڃِي راڻي، ھَلِبو ھاڻي، ويرا ڪاڪِ وِھُ ٿِي.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا، پانڌِي پِرِينءَ سَنِيھو، ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ، تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي…[ سُر راڻو - وايون ]
- سُتِي سيڄَ ھُياسِ، مُون کي آھَ اُٿارِئو، جَنِي جاڳاياسِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ، نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ، جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- سُتوئِي سيڄَ گُهرين، جَفا ڏيِين نَہ جِيءَ، پَھني ڌاران پِيَ، مَتان نُونڌين نَہ چَڙِهين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- سُتوئِي سيڄَ گُهرين، جَفا ڏيِين نَہ جانِ، صُلحَ ريءَ سيڻانِ، مَتان نُونڌين نَہ چَڙِهين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- صُلِحُ جَنِ سَڄَڻَ سين، سيڄَ ماڻِيندا سي، الَّذِينَ آمَنُوا وَڪَانُوا يَتَّقُونَ ، اِنَ پَرِ اُڀا جي، نيئِي نُوڌي تي، ڏِکِي…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- وَرُ سي وَطَنَ ڄايُون، صَحرا سَتُرُ جَنِ، گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِ، ويڙِھِئا گهُمَنِ وَلِيين، جهانگِي مَنجِهہ جهَنگَنِ، مُون کي…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون جَا ڪِرِڙَ ڪَپُورِ نَہ مَٽِيان، ويٺِي شالَ وِلوڙِيان، ڍولي پاسي ڍَٽِ پَکا پَکَنِ سامُھان، پيھِيُون…[ سُر مارئي - وايون ]