سيڄَ جي سنڌي معنيٰ
شاديءَ وقت گهوٽ ڪنوار لاءِ ٺاهيل پلنگ، سينگاريل بِستر. پلنگ، ڇپر کٽ، ماه محرم جي ٩ تاريخ تي تابوت سان گڏ گهمايل پلنگ يا سينگاريل کَٽَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A bed, couch. The perambulation of the Tabut on the 10th day of Moharam or of a bridegroom in the marriage ceremony.
سيڄَ جا بيتن ۾ حوالا
اَنڌا اُنڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِيين،
اَسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِياريين پيڄَ،
سُورِي جَنِي سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 2 ]
اَسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِياريين پيڄَ،
سُورِي جَنِي سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 2 ]
سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنِرا،
جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 8 ]
جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 8 ]
سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ،
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 9 ]
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 9 ]
عَجَبُ نَينَ تَيرَي، سَرَسُ نَينَ تَيرَي،
جَلَ وِچ ڪَنوَلُ ڪَنوَلَ وِچ مُدُوئا،
جُون چاند ڪُون بادَلُ گَهيرَي،
چُڻِ ڀُڻِ ڪَلِيان سيڄَ وِڇاوان، آءُ پِيَ گهَرِ مَيرَي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 14 ]
جَلَ وِچ ڪَنوَلُ ڪَنوَلَ وِچ مُدُوئا،
جُون چاند ڪُون بادَلُ گَهيرَي،
چُڻِ ڀُڻِ ڪَلِيان سيڄَ وِڇاوان، آءُ پِيَ گهَرِ مَيرَي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 14 ]
عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو،
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
ڏُکِي ڏِکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي ڪَرِ سَسُئِي،
پَٽِيين پيرُ نِھارِ، تَہ آرِياڻِي اُتان لَھين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 6 ]
پَٽِيين پيرُ نِھارِ، تَہ آرِياڻِي اُتان لَھين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 6 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي،
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي،
پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙَھَندِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 6 ]
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي،
پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙَھَندِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 6 ]
مُون ڀانيو مُون گهَرِ، ھَميشه ھُوندا پِرِين،
ساڄَنَ سيڄَ وِڇايان، جوڙي جِيءَ اَندَرَ،
ڪوھُ ڄاڻان ڪَنھِن پَرِ، ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 3 ]
ساڄَنَ سيڄَ وِڇايان، جوڙي جِيءَ اَندَرَ،
ڪوھُ ڄاڻان ڪَنھِن پَرِ، ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 3 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي اينڊَ پَلاڻَ،
وِجِهي گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ڏيئِي تَنگنِ تاڻَ،
ڪارُون ڪِيَمِ ڪيتِرا، سَنجهي وِئا سَرواڻَ،
پُنهون ناھِ پَلَنگَ تي، سيڄَ سُڃِي ٿِي ھاڻِ،
مُون وَٽِ ٿِي مَھمانَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 7 ]

جاڳي جاڳي سَسُئِي، جان ھيجان ھَٿَ وِڌاءِ،
سيڄَ سُڃِي پِرِينءَ ريءَ، پُنهون پَٿَرِ ناھِ،
اُٿِيندي چَياءِ، گهوڙا گهَرِ نَہ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 11 ]