جوڳِيَنِ بابت
معنيٰ
يوگين، جوڳ پچائيندڙن، جيڪي پنھنجو ڌيان ڌڻيءَ سان ملائين ٿا. هندو فقيرن جو گروھ جن جو اصول زهد ۽ تَپسِيا ذريعي خدا سان ملڻ جو هوندو آهي. سنياسي. نانگ جهليندڙ فقيرن. سيلاني فقيرن.
Kind of Hindu fakirs, devotees. Snake-charmers, serpent-charmers.

بيتن ۽ وائين ۾
- ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، سَندو جوڳِيَنِ جوشُ، پَچِي تَنھِن پَنٿَ کي، ھَڏِ نَہ رَھِئو ھوشُ، آسَڻَ ۾ افسوسُ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ڏَھين ڏِينھَن ڏِکَ ٿِئا، پِرِين پاٻوھِئا پَسُ، وَرَقَ جي وِصالَ جا، واري ڪِئائُون وَسُ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، سَندو گُرُوءَ گَسُ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪارِھين ڏِينھِن ڪَرَمُ، وَرِئو ويَراڳِيَنِ جو، جوڳِيَنِ جاٽائُون پُنِيُون، ھَلِي وِئا حَرَمُ، دائِمُ جَهلِئو دَمُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَنَنِ ۾ ڪَڙا، سَچَ ٻَڌائُون سَندِرا، جوڳِيَنِ جِيءَ جَڙِئا، پائي مُنھُن مَڙِهئان، ھَلو تَڪِيا…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- سامِيَنِ سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، جوڳِيَنِ جَڙِئا جانِ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ، آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ ٿِئا، راھَ سُوٺائُون رَبَ جِي، وِرِچِي تان نَہ وِئا، جيلاھَ ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلاھَ مُحَّمَدَ مَڃِئا.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جوڳِيَنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پُڻ سُونھين جوڳِيين، جوڳِيان سَندِيءَ جانِ ۾، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرُ آھِ، ھاءِ مُونھِين کي واءِ، جَا آئُون…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، صُورَتَ کانيَنِ سِيءَ، اُڀِيَنِ گَهڻي اَدَبَ ۾، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ، جوڳِيَنِ پانھِنجا جِيءَ، لِلہِ ڪارَڻِ لُٽِئا.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، سَندِي جوڳِيَنِ جوڙَ، ساري سَناسِيَنِ کي، کامِي ٿِيَسِ کوڙَ، مَنَ جَنِي سان موڙَ، سي لاھُوتِي لَڏي…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾ سَندِي جوڳِيَنِ ذاتِ، ساري سَناسِيَنِ کي، رُنُمِ سارِي راتِ، تَنَ جَنِي جِي تاتِ، سي لاھُوتِي لَڏي…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- ھَئَي جٖي ھُئا ھِتِ، تَہ مَٿِنِ ھُوندَ حَقُ ٿِئو، جوڳِيَنِ جِي جُڳَتِ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- ثييَئُون ثابِتُ سَندِرو، جوڳِيَنِ کي جَڙِئو، تَنِ حَرَفُ سُڃاڻِي ھيڪِڙو، مَنجهان پِرتِ پَڙِهئو، لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، اَندَرِ اَلِفُ اڙِئو، لَا…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- رييَئُون راضِي رُوحَ ۾، مَٿي رَبَ رَضا، مَڃِئائُون مَحَبتَ سين قادِرَ جِي قَضا، رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا عَنْهُ ، جوڳِيَنِ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو مائي جوڳِيَنِ مُون سين جي ڪِئا، ڪَري مَرِجِ ڪاپَڙِي، گُرَ وَٽِ تُون گَدائِي، اِشارَتُون اُنِ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- آئِي مائِي آئِي، جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِي صَبُرُ سِکِئا، مَٽائي وائِي، سامِيَنِ سونُ ڪَنَنِ ۾، ڇَتَنِ جِي ڇائِي.[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ھِتان کَڻِي ھُتِ، پيرُ رَکِئائُون پانھِنجو، جوڳِيَنِ جِي جُڳَتِ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.[ سُر پورب - جوڳي ]
- جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِيَنِ سان سَدا دِلِ سوگهِي، پُرِئا پُورَڀَ پارَ ڏي، اَدِي بيراڳِي آئِي، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، مَڙِهيُون…[ سُر پورب - وايون ]
- مَنُ موھِئو جوڳِيَنِ جي ذاتِ، دِلِ جوڳِيَنِ جي ذاتِ، ھُيَسِ سَناسِيَنِ سين سَنِرِي، پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَراتِ، سُئَمِ نَہ…[ سُر پورب - وايون ]
- شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ اللهُ سين، گهوڙو هِنَ گِروھَ سين، حَمدَ مَنجِهہ هَلاءِ، سُرَهي اِنَ سِلڪَ سين، ڀَڄِي ڪِي…[ سُر مارئي - وايون ]