ڏِينھان بابت
معنيٰ
ڏينھن جو ، ڏينھن ۾، ڏينھان (سرائڪي لھجي ۾ ڏينھن جو)
In the day, in days
بيتن ۽ وائين ۾
- مَينُون ماھِي، عِشقُ رانجَهنِ دا، راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي، دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- ڳِجَهڙِيَنِ ڳارو، راتو ڏِينھان رِڻَ ۾، پَييون پُڇَنِ پاڻ ۾، ڪَنھِن مُنھِن ڪيڏارو، کينِ کَڳَ مارو، ڪانِئرُ پِئو ڪِنُو ٿِئي.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ رَتَ ڦُڙا، مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- جَڏَھانڪَرَ جانِي، سَڄَڻُ سانگِ سِڌارِئو، راتِيان راحَتَ ناھِ ڪا، ڏِينھان حَيرانِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ تان، ٿِيان ڪوڙيِين قُربانِي، ھِيءَ رَضا…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- آن جَي ڏِٺا ھُونِ، اللهَ ڪارَڻِ ڳالِهہ ڪَرِيو، نيڻَ مُنھِنجا رُونِ، راتو ڏِينھان اُنِ کي.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، ٿِي لوچان لالَڻَ لاءِ، سِڪَ پِريان جِي سَيِّدُ چئَي، اَندَرِ مُون نَہ ماءِ، ڪَڏِھِين قاتلان ڪَوڙا…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- عِشقُ اِھَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي، ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيائِي راتِ، اُٿِي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڀَڪُلِئا ڀُڻَنِ، دَلَقَ گَڏِئو ڌُوڙِ ۾، راتِيان رُڃ رَھَنِ، ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- نانگو نَنگا نِڱِئو، تَنھِن نانگي نَنگُ نَڪو، نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ، راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَنھِن جَنھِن ڪُٺا ڪاتِ، جِيئَن سامِي مُورِ نَہ سَنِرا، ڏِينھان ڏُکي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄِيائِي راتِ، سَندِي جوڳِيان ذاتِ، جِيجان…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- راتِيان رُڻ جُهڻ رامَ سين، ڏِينھان ڪَنِ سَنانُ، جوڳِي سي اَنانُ، وَٿُون جَنِ وِرائِيُون.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- اللهَ ٻاجُهن ڪَؤنُ ساٿِي، ڦِرندِي آئِي، مَين چُپ چُپاتِي، سِڪَ شاھَ رانجَهنِ دِي مِيان، ڏِينھان جو راتِين، آکي لَطِيفُ فَقِيرُ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- اللهَ اِيئَن مَ ھوءِ، جِيئَن آئُون مَران بَندَ ۾، جُسو زَنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينھان روءِ، پھرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- پَٽُ نَہ پَرَھِيان سُومَرا، جان ڪِي تان جِيئان، آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِينھان، جان سين ٿِي جِيئان، ڪانڌُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- بِيرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِين پَھُون، سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ ويرَ وَهُون، پايو جَرُ جَندَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪَھُون، ڏِينھان…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- آڌِيءَ اُٿِيَنِ تي، جيلان پاڻِي پاتارَنِ ۾، وارو ويسَلِيُنِ کي، ڏِينھان ڪو نَہ ڏي، مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوهَ کَڻِي…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ سين، پَھِي پاکِي پَٽِڙِي، پِرِيَنِ ساڻُ پِيان، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي، ھِتي تان نَہ ھُئان، پيرُ…[ سُر مارئي - وايون ]