ڄامُ بابت
معنيٰ
امير، رئيس، سردار، سنڌ جي سما بادشاهن جو لقب. وڏ گهراڻو، هڪ ذات جو نالو.
A title of the old Sindh princes, lord, prince.
بيتن ۽ وائين ۾
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ھيبَتَ ھُلاچو، وِرِڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو، ساھَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ، ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ، ساڻِي ٿيندو سِيرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- اوکِيءَ آڳَھُ آھي، وو آھي، مُون کي تان نَہ ڇَڏيندو ڇَپَرين، آرِي اُگهاڙِنِ کي، پُنهون ڄامُ پَراھي، پُڇي پوءِ پِئَنِ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين، کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا، سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين، وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ، ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪيچان آيو قافِلو، ڄامَنِ سَندو ڄامُ، پَسَندي پُنُوھَ کي، اَکِيُنِ ڪِئو آرامُ، ناتَرِ چايان نامُ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو، تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو، جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو،…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ديسِ وِجهي جَتُ دامُ، ساھُ ٻَجهائي ساڻُ وِئو، تَنھِن ڪَڍَ ويندِيَسِ ڪيچَ ڏي، آھي اِيءُ اَنجامُ، ڇالَ ڇَپَرَ جو ڄامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- اُڀِرَئو آفِتابُ، بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾، پَلَڪَ ڪِرِئا پَلڪَنِ تي، پَسِي تَنھِن جو تابُ، اِيءُ پُڻ غَيرَ حِسابُ، جِيئَن چورِيءَ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو، لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي، وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- اُنِ کي ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ھُوءِ ڪَري، آرِي ڄامُ اُٺَنِ تي، واڪِئان تان نَہ وَري، ھُنِ تان پُنڌُ پَري،…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي ٿِئا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنهون ڄامُ پَھَسَ، ھُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جي وِڪامي نِيلَ، سَمُو ڄامُ سَبِيلَ، ٿو پُوڄُ پِياري پَھِيڙا،[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، اُڀَرِئو تارو، پُنهون پاڳارو، ڄاپَندي ڄامُ ٿِئو.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- ڏاتِ نَہ آھي ذاتِ تي، جو وَھي سو لَھي، ريءَ رُونجهاڻِيءَ راڄِيي، اِيھين ڪيرُ ڪَري، آرِيُون اَٻوجَهنِ جُون، سَٻَڙُ ڄامُ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- گولو توءِ غُلامُ، جي فارِسِي سِکِئو، بَڌو جو ٻِن ڳالِهيين، سو ڪِيئَن چائي ڄامُ، اُڃِئو تَہ آبُ گهُري، بُکِئو تان…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- چائُرَ جٖي چَکَنِ، ڏِجَنِ ڏوراپا تَنِ کي، سَرَتِنِ جا سَرِيرَ ۾، دُونھان ٿا دُکَنِ، ھِڪُ ڏُکويَسِ ڏُکَنِ، ٻِئو مارُو ڄامُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، سَڄَڻَ سَدائين، عُمَرَ سُڻان مَ اُنِ جِي، نِٻَرُ نِلائِي، مُون کي مِلائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- کَٿِيءَ مَنجِهہ کَٽِيائِين، لوئِيءَ ۾ لَڌائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو، پَرَچِي پَنوَهارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين، سِيلُ نِباهِيين سُومَرا، پَنھِنجو…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- وَرِئو وَرَقَ وِصالَ جو، موڪَلَ ٿِي مُون، لَحْمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْنَ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَـهَا ، تَنَ ۾ تُونھِين تُون. مَنَ مَنجهان را…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- جيڪَرَ ڄاڻي ڄامُ، تَہ ڪا نَوازِبِي نُورِي، سَندو مي مُقامُ، ھُوندَ سَمي سيراندِيءَ ڪِئو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- آيو ڄامُ ڄُلِي، مَنَھِن مَلاحَنِ جي، عَطُرَ ۽ عَنبِيرَ جِي، اَچِي ڇولَ ڇُلِي، ڪِينجُهرُ سَڀَ ڪُلِي، اُنِ کي انعامِي ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- پَکَي جاڳوٽِيَنِ جي، اُڀو ڄامُ ڄُلي، مُھُ مُھُ پييُون مَسندُون، جُهڳَنِ پاسِ جُهلي، ڪِينجُهرُ سَڀَ کِلي، تَنِ اُگهاڙَنِ اِنعامُ ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]