پُوري بابت
معنيٰ
مڪمل ڪئي، تڪميل ۾ آندي، پڄائي
Completed, accomplished, passed.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي، لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- وانءُ وَھِلِي نِڪِرِي، نَنگَرُ جانۡ نَہ کَڻَنِ، مَڇُڻ ڏيھِ وَڃَنِ، نارِيُون پُوري ناکُئا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون، سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، مَڙُه پُوري مَنجِهہ مارِ، دائِما دُونھِين دِلِ ۾، مَنَ ۾ مالا وارِ، سَھُ سَڀَڪا آرِ، آگي…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو، توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو، سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ مَ ڪاپَڙِي، گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سي تان سَھِيو سَھُ، پُڇُ پاڻَ کي پَھُ، ھِنگِلاجِ ھَلَڻَ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ مَ ڪاپَڙِي، اُلا جٖي عِشقَ جا، سي تُون، سَھِيو سَھُ، پُڇُ پاڻَ کي پَھُ، ھِنگِلاچِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ وِئا تَڪِڙا، جوڳِي جُنبِي ھَلِئا، ڪَنھِن ڏُوراھِين ڏيسِ، اِنَ اَڳھَيِن ٿي ڪِئا، پَھَ مَٿي پَرَديسَ،…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- دَلَقُ ڍَڪائِجِ دِلِ کي، لائِجِ ڪو مَ لِباسُ، پُوري کائِجِ پانھِنجو، مَڙِهئان اَندَرِ ماسُ، ويراڳِي تو واسُ، سَرَ ۾ بُويُون…[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ، سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرڀاتِ، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ، جِيئَن مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ صُبوحِ، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، آھِ آديسِي گِيا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- سامِي چائِيين سُکَ طَلَبِيين، ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو، توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو، سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِيَنِ سان سَدا دِلِ سوگهِي، پُرِئا پُورَڀَ پارَ ڏي، اَدِي بيراڳِي آئِي، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، مَڙِهيُون…[ سُر پورب - وايون ]
- مَنُ موھِئو جوڳِيَنِ جي ذاتِ، دِلِ جوڳِيَنِ جي ذاتِ، ھُيَسِ سَناسِيَنِ سين سَنِرِي، پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَراتِ، سُئَمِ نَہ…[ سُر پورب - وايون ]
- مَڙِهيُون پُوري ماڳَ، وِئا ويراڳِي، يااللهَ، پُرئا پُورَڀَ پارَ ڏي، آيَلِ مُون اَڀاڳُ، سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لاھي وِئَڙا لَاڳُ.[ سُر پورب - وايون ]
- لِيلان جِمَ لَکائِيين، سُوڀِي ساڻُ سُڄاڻِ، آھِين گهَڻو اَڄاڻِ، مَڇُڻ پُوري نَہ پَئين.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- تُنبيرَنِ تَنوارَ، اَڄُ نَہ سُڄي ڳَنڃَڙي، مَڙِهيُون مَڱڻَھارَ، پُوري پَراھان وِئا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- سي اَڄُ نَہ آتَڻِ آيُون، جَنِي ڪِتو ڪالَهہ، اَرٽَ اُکَلِي مالَهہ، پُوري ويئُون نِجُهرا.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]