وَڻِجارَنِ بابت
معنيٰ
وڻج وارن، واپارين، سوداگرن، وڇاتن، تاجرن. وکر وارن، واپار وارن.
Traders, merchants.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ، ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ، حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي ڪائو ٿِئي، پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ، لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- کُوھا ڪالَهہ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسِري، اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي، وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- وِتُ ويِمي جو جَي لَھِين، تَہ ٻِي ڪارِ نَہ ڪَرِين ڪا، اِھا پَرُوڙِجِ ڳالِهڙِي، وَڻِجارَنِ وَٽان، موتِي جَنِ ھَٿان، آندَءِ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سَٿِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جِي، تُون ويسَلو ويرَ، جوڙي جُنگَ جَھازَ کي، ڪوڏِ ھَڻائج ڪِيرَ، وَھي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانھَن بَھِيرَ،…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- اَڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُہ ٿِي پايان، تَہ آيَلِ وَڻِجارَنِ جُون، ٿِيُون ڌَڳَنِ ڌَڄائُون، مَنجهان رُوحَ رَءِ ٿِئا، مُحَّمَدُ مَڃِيائُون،…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- نَہ سي تَڙِ خُراڪَ، نَہ وايُون وَڻِجارَنِ جُون، سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻ چِڪِيَمِ چاڪَ، مارِينِهُون فِراقَ، پاڙيچِيُون پِرِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- مُون جَهليندي نَہ رَھِيا، جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهِي وَڻِجارَنِ کي.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- تَڙِينِ تَنوارِينِ، ماءَ سامُونڊِي آيا، مُون کي جِيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جُون.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَھُون وَڻِجارَنِ جُون، آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا، اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري، ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- وَڻِجارَنِ واري، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا، کيڙائُون کاري، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِيُون، ٻِيھَرَ وَڻِجارَنِ، موٽِي وَرَڻُ نَہ ٿِئي.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي، وَڻِجارَنِ وائِي، آھي پَرِيين پارَ جِي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُ وَڻِجارَنِ سين، وايُون وَڻِجارَنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ، ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا، پيرُ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي، سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا،…[ سُر سامونڊي - وايون ]