مَچَ بابت
معنيٰ
گهڻي باھ، ڀنڀٽ، ڀڀڙ، اولاڀو، آڙاھ، باھ جو شعلو، ڄڀي، باھ، آڳ، آگ، تانڙي، تابش، تپت
Flames, blaze, heat, fire.

بيتن ۽ وائين ۾
- ھَئَي ٻَرِ اڱارَنِ ٻَڏائِين ٻَرَنِ جٖي، ھِڪِڙا کُوري کانيا، ٻِئو ڌُوڌي مَنجِهہ ڌَڳَنِ، اَڃا لُھارَنِ، ميڙي رَکِئا مَچَ لَئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- مَنجهان مَچَ مَچُ ٿِئا، چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھَ، اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ، سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ھئَي ھئَي وَھي ھاءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبَنِ جِي، جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ ٻَرِي باھِ، پَسو مَچَ مَٿا، جي مُون ويساھِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ڌَڳايومِ ڌَنئِين، ڄيرو اَندَرِ جِندَڙي، لَڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سَندي نِينھَن نَئِين، مُشاھِدي تَھِين، مُون کي وِڌو مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ، مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- پَتَنگَنِ پَھُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ، پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ، سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائي وَٽِ، ڪَندا ڪانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ ساءِ، ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائي جَهلَ، ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري سَھائي ھيٺِ، ٿِئا ڏيٺارِئا ڏيٺِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، مَٿي مَچَ مِڙِي، ويندا تان نَہ کِڙِي، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھِ، آڳِ ٻَرَندِيءَ آيا، وِھسَنِ واڙي ڦُلَ جِيئَن، مُحبَتِي مَچَ لاءِ، آڻي پاڻُ اَڙاءِ، کَڻِي کُوري وِچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- اللهَ سَڀَ مَچَنِ، مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، وَڇُون جٖي ڪِيرَنِ تي، سَدا ٿِيُون سُونھَنِ، مُون کي ماڻِڪِنِ، تاڻي ھَنيو تارِ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ڪُٺِيَسِ ڪوھِيارِي، ڪِينَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون، مادَرِ وِڌِيَسِ مَچَ ۾، ٻاروچي ٻاري، مُيُون جو ماري، سو مان گُوندَرُ گَڏِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناھِ ڪو، ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ، سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- سوڍا سُورَ سُڪايُون، اَکِيُون آبُ نَہ ڪَنِ، راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، وِڏُوڻِيُون وَتَنِ، سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جٖي تو سوڍا…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ٻاوِيھين ٻاڻُ لَڳو، آديسِيَنِ اَچِي، ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، مَنجهان مَچَ مَچِي، لانگوٽِئا لالُ ٿِئا، اِنَهِينءَ پَهِہ پَچِي، ھَلِئا وِئا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڀِنِيءَ ڀَڙَڳَ ڪَنِ، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ھَلو تَہ سيڪِيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ، مُلا سَناسِيَنِ، نِينھَن جَڙَ لَڳِي جانِ کي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- الِفَئُون آديسِيَنِ کي، سَدا سُورَ چُرَنِ، اَندَرِ تَنِ آديسَ جا، مَحَبتَ مَچَ ٻَرَنِ، اُلُفَتَ عَزِيرِي ناھِ ڪا، نَڪِي جَهنگِ ھَلَنِ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ لاءِ پِرِيَنِ جي، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ڀِنِيءَ ڀَڙِڪا ڪَنِ، ھلو سيڪيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- داڳُ تُنھِنجو دائِما، ماري مَعذُورِيين، سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، وَڃِج مَ ڏُورِيين، آئُون تو حُضُورِييَن، مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾، ھائِيءَ وِجهان ھارُ، ڀِري جي ڀَتارُ، تَہ ميرِيائِي مانُ لَهان.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ھَنجَ سَدائِين ڏُٻِرا، پَکِي ٻِئا مَچَنِ، مارِيءَ سَندو مَنَ ۾، آھي وِرھُ ويچارَنِ، ڪَنبَنِ ۽ ڪَڍَنِ، پِٿون جي پاتارَ جا.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]