مَسَ بابت
معنيٰ
مشڪل سان، لاچار، اڃا. فقط. وِرلي، ٿورو.
Hardly, once in times, only, sometimes.
بيتن ۽ وائين ۾
- دُدَسَتِي دُپيرَ، سِيني سَنگهَرَ رُڪَ جِي، ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تازي ڦُلَنِ ھيرَ، تَنھِن کي ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جَو مُونھِين وَٽِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- تُرَھو آڇِ مَ تَنھِن کي، جَنھِن عِشقَ سين آگاھَ، پُڇي مَسَ مَلاحَ سائِرُ مَڻي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- وَسي تَڏِھِين وَسَ، مُندَ مِڙيائِي مِينھَن جِي، کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ، گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- جِيئَڻُ جَتَ ڌاران، مَعذُورِ جو مَسَ ٿِئي، چانگَنِ سِرِ چَڙِهي وِئا، ساٿِي سَوارا، اَکِيُون اوتارا، پَسِئو رُونِ پُنهونءَ جا.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڏُونگَرَ ۾ ڏَھڪارُ، موٽَڻُ مَيَنَ جو مَسَ ٿِئي، وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ، ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- پَسِي سي سَرَھِي ٿِي، جٖي مَيَنِ لَنگهِئا مَسَ، تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ، حُبَ جَنھِين کي ھوتَ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، اَمَڙِ مُون اَماڻِ، اَسان تو رِھاڻِ، موٽِي ڪا مَسَ ٿِئي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، مُنھِنجو اَٽَلُ آرِياڻِي، چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي، ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي، جا وِندُرِ…[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڪاروُن جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِئا، موٽِي مَسَ اچَنِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ کان پوءِ، پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ، جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- سُتا سي سُونھَنِ، جٖي ھُئا ڪوڏِيا ڪاڪِ جا، لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لَڏِئو لوڌِيَڙَنِ، سي موٽِي مَسَ اَچَنِ، جٖي آسَڻَ آرامِي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- راڻي رَنجُ لَکايو، ھِتان وَڃِي ھُتِ، ميڙِ مُنجان ٿِي مَينڌَرا، ڀُوڻِ اَواھِنجي ڀُتِ، اِيءَ نَہ رُسَڻَ رُتِ، اَڃا مَحَبتَ مورَ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو، اِسلامان اَڳي ھُئِي سا ٻُڌائُون ٻانگَ، سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِئا گورَکِناٿَ کي.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو، اورِيندي اَلِفَ سين سُکَ ڇَڏِيائُون سانگَ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، آڌِيءَ ڏِينِ اُڇانگَ، ٻُڌائُون…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- چَرَکو ڏي نَہ چَسَ، ڀيرِيان ڀيرِئو نَہ ڀِري، مُون کي ماري مَسَ، ڪَتائِيندِيُون ڪيتِرو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھارِيُون چِتِ، راڄَ رُئاڙي ھَنجُون ھاري، ھِيءَ ھُتي جِي ھِتِ، آھيسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، مارُو مَسَ مَڃِينِ، ڏُونگها ڏاڏي پوٽِيين، ڪَنِ ڏِنا ڪي ڏِينِ، جَي مانۡ لوھَ لاھِين، تَہ ڪوٺِيُنِ ۾…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي واھُوندَنِ وَسَ، عُمَرَ اُنِهينءَ ڏيھَ جا، ڏوٿِيَنِ ڏِنَمِ ڏَسَ، وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، لُلِرُ نِڱِئو لَسَ، آڻِئو وِجَهنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- عُمَرُ چاڙِهي اُٺِ تي، پُڄِي نِيو پَنوهارِ، ڏِنُو ڏاڍي بَندَ ۾، سُومَرو سَنگَهارِ، نيئِي ٿَرِ آڳِٽِئو، پُرسُ پَرائِيءَ نارِ، مارُو…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- ڇَڏِ سَٻَرايُون سُومَرا، عُمَرَ لَڳِ اللهَ، ٿِئَم نَہ ٿورا ڏِينھَڙا، ماڙِيين گَهارِئَمِ ماھَ، سِڪَ مُنھِنجي ساھَ، مارُوءَ جِي مَسَ لَھي.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]