مَدِيني بابت
معنيٰ
عربستان جو شھر مدينو (المدينہ المنورہ)، جتي حضرت محمد ﷺ ھجرت ڪري ويا ھئا.
Al Madinah Al Munawwarah, ciry name of Saudi Arabia, where Prophet Mohammad (PBUH) had migrated.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ، پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ، جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو، مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- مُحَرَمُ موٽِي آيو، آيا تانۡ نَہ اِمامَ، مَدِيني جا ڄامَ، مَولا مُون کي ميڙِيين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- مُحَرَمُ موٽِي آيو، موٽِيا تان نَہ اَمِيرَ، مَدِيني جا مِيرَ، ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- آيو عَلِي شيرُ، مَرڪِئو مَدِيني ڌَڻِي، سُونھاري سَيِّدَ ري، ڪوٽَ ڀَڃَندو ڪيرُ، شيرَ وَٺِتو ويرُ، پِڙَ ۾ پَوارا ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا، طامِعِ آھِيان توھَ جي. اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ، ھِنَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- مَدِيني جا مِيرَ، سُڻُ سَندا مُون سَڏَڙا، جٖي سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سِيرَ، سي پارِ لَنگهاءِ پَھِيڙا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا ڄامَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، نَنڍا وَڏا اُمَتِي، اوڀائِيين اَڀامَ، سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سامَ، پارِ لَنگهائِيين پَھِيَڙا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، اَجهي تُنھِنجي اوٽَ، پارِ لنگهائِيين پَھِيڙا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، ڪَرِ مُحَّمَدَ موٽَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا شيرَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، ڀَرِ مُبارَڪَ پيرَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا شاھَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، ڪارَڻِ لَڳِ اللهَ، سِگهو رَسِجِ سيگَهہ ۾.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا ڌَڻِي سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، تُنھِنجِي آھِ تَڻِي، ٻِي ڪَنڌِي سارِيان ڪا نَہ ڪا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا ڌَڻِي، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، خَطائُون کَڻِي، ڏِٺا ڏوھَ بَخشِيين.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- وَنءُ مَدِيني مَڱڻا، اَکِيُون پيرَ ڪَري، جِتِ ماڻِڪِي مُحَّمَدَ مِيرَ جِي، جَهرڪِيو جوتِ ڪَري، پَسِئو جوتِ جَمالَ جِي، جِتِ اُمَتِيَنِ…[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]