مَدِيني جي سنڌي معنيٰ
عربستان جو شھر مدينو (المدينہ المنورہ)، جتي حضرت محمد ﷺ ھجرت ڪري ويا ھئا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Al Madinah Al Munawwarah, ciry name of Saudi Arabia, where Prophet Mohammad (PBUH) had migrated.
مَدِيني جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ،
پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ،
جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي ڀَئُہ مَ ڏي ڀَتارُ،
جيڏاھَن مُنھُن مَدِيني جو، سُڄي مُحَّمَدُ موچارُ،
نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀَ پَسَندا پارُ،
سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 24 ]

ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو،
مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 2 ]
مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 2 ]
مُحَرَمُ موٽِي آيو، آيا تانۡ نَہ اِمامَ،
مَدِيني جا ڄامَ، مَولا مُون کي ميڙِيين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 4 ]
مَدِيني جا ڄامَ، مَولا مُون کي ميڙِيين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 4 ]
مُحَرَمُ موٽِي آيو، موٽِيا تان نَہ اَمِيرَ،
مَدِيني جا مِيرَ، ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 5 ]
مَدِيني جا مِيرَ، ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 5 ]
آيو عَلِي شيرُ، مَرڪِئو مَدِيني ڌَڻِي،
سُونھاري سَيِّدَ ري، ڪوٽَ ڀَڃَندو ڪيرُ،
شيرَ وَٺِتو ويرُ، پِڙَ ۾ پَوارا ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 4 ]
سُونھاري سَيِّدَ ري، ڪوٽَ ڀَڃَندو ڪيرُ،
شيرَ وَٺِتو ويرُ، پِڙَ ۾ پَوارا ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 4 ]
مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا،
طامِعِ آھِيان توھَ جي.
اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جي، توکي سُڌِ سَتارَ،
ھِڪُ وِڃايَمِ ويسَرِي، ڄاڻِي سَڀَ ڄَمارَ،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، سو تُون ڄاڻين ڄاڻَڻَھارَ،
جِيئَن سي گُلَ گُلابَ جا، کِڙِئا کَٽَڻَھارَ،
مُنھِنجِي سِڪَ سَيِّدَ ڏي، مَدِيني موچارَ.
[ سُر بلاول، وايون، 1 ]

مَدِيني جا مِيرَ، سُڻُ سَندا مُون سَڏَڙا،
جٖي سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سِيرَ، سي پارِ لَنگهاءِ پَھِيڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 11 ]
جٖي سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سِيرَ، سي پارِ لَنگهاءِ پَھِيڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 11 ]
مَدِيني جا ڄامَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
نَنڍا وَڏا اُمَتِي، اوڀائِيين اَڀامَ،
سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سامَ، پارِ لَنگهائِيين پَھِيَڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 12 ]
نَنڍا وَڏا اُمَتِي، اوڀائِيين اَڀامَ،
سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سامَ، پارِ لَنگهائِيين پَھِيَڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 12 ]
مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
اَجهي تُنھِنجي اوٽَ، پارِ لنگهائِيين پَھِيڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 13 ]
اَجهي تُنھِنجي اوٽَ، پارِ لنگهائِيين پَھِيڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 13 ]
مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
ڪَرِ مُحَّمَدَ موٽَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 14 ]
ڪَرِ مُحَّمَدَ موٽَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 14 ]
English Meaning
Al Madinah Al Munawwarah, ciry name of Saudi Arabia, where Prophet Mohammad (PBUH) had migrated.