رَکَ بابت
معنيٰ
ڪنھن شيءِ جي سڙيل خاڪ، ڦلهيار، ڇارِ، ڪيرِي.
Ashes.
بيتن ۽ وائين ۾
- ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيِين سَھسَ کڙَڪِيُون، جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- جِتي لَهِرِنِ لَکَ، ڪَنِ ڪَرڳَلُ پاڻَ ۾، اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، رَبَ تُنھِنجِي رَکَ، ڪُڄاڙو ڪَکَ، ڀَرُ جَهليِندا ڀيڙِ جو.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ، ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ، دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، سينڌِي ٿِي مِرُنِ، ڪامُون ھَڻِئو ڪَرَھا، ڪاھِيو ڪيچِ وَڃَنِ، مُون سين ڪيرَ ھَلَنِ، مَدِي رَکَنِ مَنَ ۾.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِيءَ سازُ، اِيءَ عِشقَ جو آوازُ، ماڻُهو رَکَنِ مُنڌَ تي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ڏِنوءِ تان ڏانُ، راکِيُئِي تان رَکَ ٿِئي، تَوَذَلَ تُنبو ڪِينِرو، تَندُنِ اِھوئِي تانُ، سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ، جو طَمَعَ کي…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- مُئا مَنجِهہ مُقامَ، سِڪَنِ ٿا سَلامَ کي، اَنگِ نَہ اوڍِين ڪَپِڙو، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ، اللهَ آڻِ قِيامَ، تَہ ڏِسُون…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- اِھَڙِيُون اوري ڇَڏي، وِئا لاھُوتِي لَکَ، پايو پِٽِينِ ويٺِيُون، ڪاڪِ ڌَڃاڻِيُون ڪَکَ، پيئِي اِيءَ پَرَکَ، تَہ سوڍِيُون سِجهائِي ھَلِئا.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- پيئِي جَنِ پَرَکَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي، واري سڄي وَرَقَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، تازا پَٿَرَ ڪَکَ، آديسِي اُٿِي وِئا، پيئِي اُڏامي رَکَ، سامِي کَڻِي سَنکَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- بُکَ وِڌائُون بَگرِيين، جوڳِي ڪَندا جُڃَ، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِئو پِيَنِ اُڃَ، لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، مَنُ ماري ڪِئو…[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- جَا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا اُڃَ بُکَ آديسيَنِ، روزو رِندَ رَکَنِ، عِيدَ نَہ اوڏا ڪاپَڙِي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، ھو مَ ھُوندَنِ جِيئَن، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھُونِ نَہ آديسِي اِيئَن، سي ڪاپَڙِي ڪِيئَن، جٖي تَعلَقَ…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- راھُو تُنھِنجي رِيتِ، پَرَکَنڊينَ پَڌِرِي، گَهڻا گهوڙي چاڙِھئا، تو مُسافِرَ مَسِيتِ، پُڇِين ڪانَہ وِڏِيتِ، جي آئِيا سي اگهِئا.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا جيھا اَڪَ، پَڪا جي نَہ سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سين.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- اَسِين سِڪُون جَنِ کي، اَسِين تان سيئِي، لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، وانءُ اوڏاھِين پيھِي. تِھان مَنجهيئِي، پارَکَ پَرِکِجِ حَقَ…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- زاھِدَ عابِدَ اورِيان، عارِفَ عَينُ مَڱَنِ، ھُو رَوادارَ رَکَتِ جا، ھِي ھَٿان ھَٿِ گُهرَنِ، ساعَتَ سالَ چَوَنِ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- ڪاجا پَرِ پَنوَھارَ، ڪَنِ ويڙِھِيچا وَڻَنِ سين، ڪَپِئو ڪُھاڙَنِ سين، ڏارِئو رَکَنِ ڏارَ، تَنِ سُڪَنِ ڪِھَڙِي سارَ، تَہ ڪي اُٺا…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾، عَيبَنِ لَکَ، ھِنَ مُنھِنجي حالَ جِي، توکي سَڀَ پَرَکَ، ڪارَڻِ رَب اَلَکَ، مَڇُڻِ ماڱَرِ…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- وَحدَہٗ وائِي، چَڙَهندي چَيائُون، سو لُڙُ لَنگِهئائُون، جِتِ پارَکَ پَکِيان.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ھَنجَڙا ھيلاڊُ ٿِي، گُونُون مَ گهوريجِ، پَسِي لُڙَ ڊَھڪِيُون، پَکَ مَ لَمائيج، سو سَرُ ساڱائيجِ، جِتِ پارَکَ ٿيندي پَکِيين.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]