رَڙِ بابت
معنيٰ
دانھن، رِيھَ، ڪِيھَ، چِيخَ، ڪُوڪَ. واڪو، هَڪل، سَڏُ.
An outcry, roaring, screeching, yelling, scream. Yell, shout.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو جُهڙُ جُهڻِڪَنِ، سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ، وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪووَلَ جِي ڪُوڪَ، وَلوَلو ۽ وُوڪَ، اِيءَ تان آھَ عِشقَ جي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرَڪي ڪُونجَ، نَعرو مَنجِهہ نِڪُونجَ، اِيءَ تان آھَ عِشقَ جِي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ چَتُونءَ جِي چانگارَ، اِي عِشقَ جا اُٻَڪارَ، نَعرو آھي نِينھَن جو.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِيءَ سازُ، اِيءَ عِشقَ جو آوازُ، ماڻُهو رَکَنِ مُنڌَ تي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، جِھَڙِي ڪَري جوءِ، اِيءَ نَہ عَورَتَ ھوءِ، آھُون عِشقَ سَندِيُون.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- پُڄان جي نَہ پُڄان، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان، سَڳَرَ ۾ سُڄان، تَہ رائي ۾ رَڙِي مُئِي.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- جَڏھِن ساٿِيَنِ ٿي سَڏَ ڪِئا، ٻُڌَئِي نَہ ٻُوڙِي، ھَمَراھِي ھوتَنِ سين، تو جُودان نَہ جوڙِي، پَلَئُہ پُنهونءَ ڄامَ جو، جَهلِيُئِي…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- پُنهونءَ پيرَڙِيُون، گهَرِ گُهَمندي جٖي ڏِنِيُون، سي مان سيرَڙِيُون، نِتُ نِھارَڻُ آيُون.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- مَحَلَ مَندَرَ ماڙِيُون، اَمُلَ جِتِ ٻَرَنِ، رَڙِيون راءَ ڏِياچَ کي، ڪوڙيِين ڪُرنِشُون ڪَنِ، تُون سَردارُ سَڀَنِ، اَسِين تابِيني تُنھِنجي.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ اَچِي جي ٿِيين، عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي، راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- وَٽِ سورِيندي وَلَها، وِئَڙو تيلُ ٻَرِي، موٽُ مُسافِرَ سُپِرِين، چانگي تي چَڙِھي، راڻي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، لُڌا وِئا لَڙِي، موٽُ مُئِيءَ جا وَلَها، چانگي تي چَڙِھِي، راڻِي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، ڪانڌُ ڪُوڙِيءَ جو وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ، ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ھِي تان ٿورَڙِيُون، تُون ڀورا پَسِي ڀُلِيين، راتِيُون ٻِيُون گهَڻِيُون، جَي تو اِيندِيُون ھيڪَلِي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- ڪُونجُنِ کي ڪِيمَ چَئُہ، جٖي ٻاجهارو ٻولِينِ، سارئو سانبِيَڙَنِ کي، رَڙِيُون ڪِئو رُئَنِ، سائِين سَندا اُنِ، ٻَچا ميڙِيين ٻاجَهہ سين.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ڪَري مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، مَٿي ڪوٽَ چَڙِھِي، سارِيندي ساھيڙِيَنِ کي، ڳوڙھا پِئَسِ ڳَڙِي، نِکَتِي ڪُوڪَ قَلبَ مان، مَنجهان رُوحَ رَڙِي،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]