ذَرو بابت
معنيٰ
اُهي ذرا جي اُس ۾ دَزَ وانگر ڏسبا آهن. جَوَ جي سَوين پتي، تمام ٿورو حصو، ٿورو ذرڙو، هَوَ رَتي، جزو، پرماڻو، ٿورو حصو، ٿورو ذرڙو، هَوَ رَتي، اَڻو، تِرُ، لِک. (لغوي معنيٰ ۾ ماڪوڙي.)
A little, a small quantity, an atom, jot, particle. A little, odds and ends.
بيتن ۽ وائين ۾
- موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، ڪو جو زَھَرَ ذَرو، پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو، مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين، سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ، غافِلُ ٿِي غُرابَ کي،…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- وَکَرُ سو وِھاءِ، جو پَئِي پُراڻو نَہ ٿِئي، ويچِيندي وِلائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ سا ڪا ھَڙَ ھَلاءِ، آڳِھَ…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- وَکَرُ سو وِھاءِ، جو ھِتِ کَٽي ھُتِ سَھانگو، ويچيندي ولائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ، سامُونڊِي سَندِياءِ، شَلَ ماٽِيءَ پَئي…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- صَبُرُ شاڪِرَنِ، آھي اوطاقُنِ ۾، جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ، وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نَہ ھوءِ، اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ، جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، مِڙيوئِي مَلارُ، ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ، ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، مَلارُ مِڙيوئِي، ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي، ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- سَختِي سِيادَتَ جِي، سُڻُ شادِيءَ جو ڏِينھُن، ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن، مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- اَئِين وَريتِيُون وَرو، آئُون نَہ وَرَندِي وَرَ ري، جاڏي ھِنَ جَبَلَ جو، تانگهِيندَيسِ تَرو، جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينھُن نِبيرَڻُ نَہ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- توڙي وِلاڙُون ڪَرِيين، توڙي ھَلين وِکَ، لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ٻيُون سَڀَ سَڱِيڻِيُون سَرَتِيُون، مُون چُکَ سين چاءُ، اَندَرِ آھي ڳالِهڙِي، ڪوھِيارِي جِي ڪا، لَڳُمِ ذَرو واءَ، سَڄو سَڱُ نَہ…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو، زَمِينَ ناھِ ذَرو، نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو، اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، پينارَنُون پوءِ، مَحڪُمُ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَہ ڏِنُسِ جوءِ اُڀو اِيئَن چوءِ، تَہ پِيران پاسي نَہ ٿِيان.[ سُر بلاول - وڳند ]
- ڪُرَھو ڪيھَرِيا، پَسو واگُهہ وِلاڙِيو، ٻيٽو ٻاپَ مُلان، ذَرو ضايَع نَہ ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]