ذَرو جي سنڌي معنيٰ
اُهي ذرا جي اُس ۾ دَزَ وانگر ڏسبا آهن. جَوَ جي سَوين پتي، تمام ٿورو حصو، ٿورو ذرڙو، هَوَ رَتي، جزو، پرماڻو، ٿورو حصو، ٿورو ذرڙو، هَوَ رَتي، اَڻو، تِرُ، لِک. (لغوي معنيٰ ۾ ماڪوڙي.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A little, a small quantity, an atom, jot, particle. A little, odds and ends.
ذَرو جا بيتن ۾ حوالا
موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، ڪو جو زَھَرَ ذَرو،
پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو،
مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ ڳَرو،
ٿِيُنِ کيپُ کَرو، گهوٽَ گِهڏِي گهَرِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 17 ]
پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو،
مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ ڳَرو،
ٿِيُنِ کيپُ کَرو، گهوٽَ گِهڏِي گهَرِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 17 ]
اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين،
سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ،
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاھَ تي آندوءِ،
ڇِتَرُ ڇُھي کان رَکِين، جَو پِئو پُراڻو پوءِ،
جَھازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرتوءِ،
سَيِّدَ ساٿُ سَندوءِ، پُرِبَندَرِ پَھائِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 11 ]

وَکَرُ سو وِھاءِ، جو ھِتِ کَٽي ھُتِ سَھانگو،
ويچيندي ولائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ،
سامُونڊِي سَندِياءِ، شَلَ ماٽِيءَ پَئي نَہ مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 10 ]
ويچيندي ولائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ،
سامُونڊِي سَندِياءِ، شَلَ ماٽِيءَ پَئي نَہ مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 10 ]
صَبُرُ شاڪِرَنِ، آھي اوطاقُنِ ۾،
جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ،
وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ ھَڄِي وِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 14 ]
جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ،
وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ ھَڄِي وِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 14 ]
جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نَہ ھوءِ،
اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ،
جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ مَرَڪُ ڀانيان ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 10 ]
اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ،
جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ مَرَڪُ ڀانيان ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 10 ]
سَختِي شَھادَتَ جِي، مِڙيوئِي مَلارُ،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 9 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 9 ]
سَختِي شَھادَتَ جِي، مَلارُ مِڙيوئِي،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
سَختِي سِيادَتَ جِي، سُڻُ شادِيءَ جو ڏِينھُن،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن،
مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 11 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن،
مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 11 ]
اَئِين وَريتِيُون وَرو، آئُون نَہ وَرَندِي وَرَ ري،
جاڏي ھِنَ جَبَلَ جو، تانگهِيندَيسِ تَرو،
جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينھُن نِبيرَڻُ نَہ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 9 ]
جاڏي ھِنَ جَبَلَ جو، تانگهِيندَيسِ تَرو،
جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينھُن نِبيرَڻُ نَہ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 9 ]
توڙي وِلاڙُون ڪَرِيين، توڙي ھَلين وِکَ،
لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 23 ]
لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 23 ]
English Meaning
A little, a small quantity, an atom, jot, particle. A little, odds and ends.