اُونِهي بابت
معنيٰ
وڏي پاڻي، عميق، اَٿاه. گھري، ڳوُڙهي خيال، ويچار.
Deep, profound.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي سَنواري صاحِبُ، ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ، اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- تاري وانءُ طَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ، دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ، سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنھِنجو تُرَھو، اُونِهي ۾ آڻي، ڪونَہ ڏيِندُءِ ڪو ٻِئو.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- جٖي اُونِهي وِئا اوھَرِي، اللهُ سي واري، آئُون اُنِ آساري، تَڙَ پُوڄارِي آھِيان.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن جٖي وِئا، سانداري سَمُنڊَ جي، نِھوڙي نِئا، وَڃِي تِتِ پِئا، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن وِئا جٖي، موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي، کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- سامُونڊِيَنِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو، ڪو ڏيھُ چِتايو، اُونِهي وَڃَنِ اوھرِي[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- اَئِين مُون کي زورِ مَ جَهلِيو وو جيڏِيُون وو، آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي ھاءِ ھاءِ، سُورُ تُنھِنجو سُپِرِين، مَعذُورِ کي…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون، مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو، سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو، اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ، بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ، سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنُ ڪَري، توڏِي تاڪُنِ وِچَ ۾، وِيرِنِ مَنجِهہ وَري، آءُ ساھَڙَ مُنھِنجا سُپِرِين، پِرتان…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڀِيڙِ اُبَتِي ڀَتِ، آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ، ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- اُونِهي مان اُڪارِيين، ھادِي ڏيئِي ھَٿَ، ڏي دِلاسو دوسَ مُون، ڪامِلَ ٿِيئيمِ قُوَتَ، سَندِي ساھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسان حُضُورَ ۾.[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- لَھِرِيين لَکَ لِباسَ، پاڻِيءَ پَسَڻُ ھيڪِڙو، اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ، جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- آھِين ھِتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَھو تارِ جو، لَهرِيين لُڙَ لَطِيفُ چئَي، جَهلِئا جُنگَ جُوانَ، اُونِهي تَڙِ آڳَٽِئا، آڏِي پائي آڻَ،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- اُونِهي ۾ اوھَرِي، ڪَھِي ڪَچي ساڻُ، سُپَڪَ جو سَيِّدُ چئَي، پُڇي نَہ پَرياڻُ، عِشقَ وارِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- جُنگَ نِھاري جَوھَرِي، دانا دوسِتَ ڪِجَنِ، ھِھَڙِيءَ ھُھَڙِيءَ لَھَرِ نَہ لُڏِڻا، ڌَرتِيءَ جِيئَن نَہ ڌُٻَنِ، اُونِهي ڪُنَ عَمِيقَ جِيئَن، تانگهَہ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- جٖي ھُئا سونين سَنگهَرين، سي ھِتِ نَہ پَسان ھاڻِ، اُونِهي ۾ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، وِئا پَڪي ڪَنھِن پرياڻِ، سائُو سَنجَنِ ساڻِ،…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ڏِھاڙِي ڏِنُمِ ڪيتِرا، مارِئو جَنِي موڪَ، گهَرَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، ٿا مارِينِمِ ٿوڪَ، لَڏي وِچان لوڪَ، اُونِهي وِئَڙا اوھَرِي.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، گهاتُو ڪَري گهُورَ، مادَرِ مَلاحَنِ جا، ويٺِي سَھان سُورَ، مُون کي ڪَري مَلورَ، اُونِهي وِئَڙا اوھَرِي.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- گهاتُوئَڙا اَدا، مَتان اَئِين رَڇَ وِڃايو، گهوري ماري گهاتُوئا، رَڇَنِ رَنڱُ ڏِجائو، مَهِندان اِنَ مُلِڪَ جو، اَئِين ڪو ڊَپُ ڪِجائو،…[ سُر گهاتو - وايون ]