چَندَنَ بابت
معنيٰ
ھڪ وڻ، جنھن جي ڪاٺي خوشبودار ٿيندي آھي، ان ڪري مقدس جڳھن تي ڌوپ لوبان بدران چندن جي ڪاٺي ٻارين تہ سڳنڌ ٿئي. صندل سِرکنڊ.
Sandal wood, sanders Santalum Album.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَيا تو مَھارَ، سَڄِي پايان سونَ جِي، چارِيَئِين چَندَنَ چوٽِيُون، نائي ميندِيءَ ڏارَ، سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چَري نَہ مِصرِيءَ سَنگَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري، اَکِيُنِ مَٿي اَنگَ، مَيي کي مَجازَ جا.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- کاءِ نَہ کَٽَڻَھارُ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري، اَگَرَ اوڏو نَہ وَھي، سِر کَنڊَ لَھي نَہ سارَ، لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چانگي چَئِي چُڪِياسِ، مَٿان اَڪَ نَہ اُلَهي، جَنھِن وَلَ گَهڻا وِھاٽِئا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ، چَوڌارِي چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پوڄ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون سُورُ، لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ، ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَرَکو چَندَنَ عاجَ جو، روئِي ڪِئَڙُمِ رَتُ، آيَلِ کَڻُ اَرِٽُ، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪَتندِيُون.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون مَٿَنِ سايُون، اَگَرَ ۽ عَنبِيرَ سين، تازا ڪِئائُون تَنَ، مَڙِهئا گهَڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، جِتِ ڌورُون ڌُونِ، اَچَنِ ڀَؤُنرَ ڀِنڀُولِئا، پاڻِيءَ تَھِين پُونِ، راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَھُ لَڳو واسُوئين.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ رَنيائِين راڻي کي، ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي، سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ، چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ، سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- آکُون ڊاکُون سِرکَنڊَ شاخُون، جِتِ چوکا چَندَنَ کوڙَ، مَيي سيئِي ماڻِئا، جِتِ نَہ ڀِرَنِ ڀَونرَ، ڪُنوارِيُون ۽ ڪَونئُرَ، ڪاھِ تَہ…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- تُون ڪِئان اَچين ڪاپَڙِي، موٽِئو ڪِيئَن مارِي، آئُون اُتاھِين ٿو اَچان، جِتِ مُومَلَ موچارِي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا، چَندَنَ چَوڌارِي، سُوڌا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ، ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- هَي هَنڌَ هَي ڀيڻِيُون، هيءَ پَنوَهارَنِ پَچارَ، چُوها چَندَنَ چِڪَ ڪِئو، واسِئو ويڙِهِئائُون وارَ، سانبِيَڙا سَنگَهار، اُٺي وِئا اُڪِرِي.[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]