واڪو بابت
معنيٰ
وڏو آواز، رڙ، دانھن، ڪوڪ، آواز، رڙو رڙ، گوڙ، شور، ٻاڪار، ڪيھَ، ريھَ، ووءِ، واويلا، ٻوڪ، ريھاڙ، راڙه، گجگوڙ، وڏي سَڏ پڪار، نعرو، حيلو، سعيو.
Outcry, screech, roar, loud, call, scream, exclaiming, shout.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو، وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ، وَڃان تَہ واڪو پَئي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرِ اَٿَئِي ڏَسُ، پُنهون ڄامَ پَسُ، سِرَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، چَڙِھي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ، ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، چَڙھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ، ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندُءِ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگنِ گَسُ، ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسَ، پُوندُءِ ھوتَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين، آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو، مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڏُونگَرَ ۾ ڏَھڪارُ، موٽَڻُ مَيَنَ جو مَسَ ٿِئي، وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ، ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڏُونگَرَ ڏوراپو، پھرِين چُندِيَسِ پِرِينءَ کي، پَھَڻَنِ پيرَ ڏُکويا، تَرِيُون ڇِنِيُون تو، رَحمُ نَہ پِيُئِي رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنھِنجو ڪو،…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- سَڏَنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو وِجُهہ وَڻين، تُنھِنجِي پَنڌِ گَهڻين، مَنَ ڪوھِيارو ڪُوڪَ سُڻي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- سَڏَنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو ھَڏِ مَ لاھِ، مانَ تُنھِنجِي ڪا، سَڳَرَ ۾ سارَ ٿِئي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا ٻاجَهہ ٿِي، قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو، واَنڍِنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَھِي وِئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- جُهران جِهڄان تي، جِيئَن پَسَڻائِي پَرَي ٿِئا، اللهَ اوٺِي آڻِيين، جَو کِيءَ جِي خَبَرَ ڏي، تَہ مَنَ مُنھِنجي کي واڪو…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- پھرِين ڪاري نانگَ جِي، ڇِرڪِئَلُ ڇيڙَ ڪَري، ھَڻي ڏَنگُ ڏَساڻُو، واڪو ڪِئو وَري، جيڪي ٺَپِ مَري، جيڪي سِڪي صِحَتَ کي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]