دوسَ بابت
معنيٰ
پيارا، پيار وارا، پرين، پريتم، حُب وارا، محبوب، دِل وارا، دِلدارَ، مُحِبَ، سڄڻَ، دوست، يارَ، معشوقَ، محبوبَ.
Beloved, love, amour, friend, lover.
بيتن ۽ وائين ۾
- يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي، دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ، جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- اُونِهي مان اُڪارِيين، ھادِي ڏيئِي ھَٿَ، ڏي دِلاسو دوسَ مُون، ڪامِلَ ٿِيئيمِ قُوَتَ، سَندِي ساھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسان حُضُورَ ۾.[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ڪِٿي ٿِئو ميھارُ، ڪِٿي ٿو گِهنڊُ گُڙي، ڪِٿي دونھِين دوسَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ، جَنھِن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- وَڃان ڪِيئَن وَرِي، ھُوندَ ريءَ چئَي رَھِي رَھان، دُونھِينءَ پاسِ دوسَ جي، ماڳھِين پُئانَ مَرِي، نَہ صُورَتَ نَہ سُونھَن ڪا،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، ھوتُ نَہ گهورِيين ھِتَھِين، لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ، ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ھَڏِ نَہ ساھُ سُڌِيرُ، دِلِ دَرماندِي دوسَ ري، پائي وِئا پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ، جِيءُ جُسو جاڳِيرُ، ھاڻي مِلڪَ ھوتَ…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ساٿِي پانڌِي اي ڪِبَڙِي ڪيچِ پَچارَ، ڪا مُنھِنجَڙِي، اِي ھوتَنِ سان اي دوسَنِ سان ھيڪارَ، ڪِبَڙِي ڪيچَ پَچارَ، اُڀِي پُڇي…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ، ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جيڪَرَ رَوان روشَ، مَروشِي مَحبُوبَ ڏي، مُنا گُشِي مَولِدي، ديوا پُنهون دوسَ، چَڙِھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پُرِ ڪَرِيندِي پوشَ، ٿَئي گُواکا…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- سَؤُ سُکَنِ ڏيئِي، وِرھُ وِھايُمِ ھِڪِڙو، مُون کي جَنھِن نيئِي، دَرُ سُونھايو دوسَ جو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- اَلوِداعُ ھَئَي اَلوِداعُ، جانِئا ڪِيئَڙُئِي جُدا، ھِي جَو آيو مَڱِڻو، مَتارا ماري، دوسَ دوسَنِئُون دُورِ ڪَري، ٿو ڏَيا ڏيکاري، ھَڻُ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي رُئان رَوَ، دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ، جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- قَرِيبَنِ جو ڪانگَڙو، مَٿي ٽارَ ٽِلي، کَڻِئو کِيانتو خَبَرُون، کِيرُون ڏِئو کِلِي، لائِي جَنھِن لالَڻَ سان، مُنھِنجِي باتِ بِلي، سو…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- توڻي تُون ھَميشه، ڪانڌَ نَہ مُون کي ڪوٺِيين، تَہ دوسَ تُنھِنجو داسَڙا، وَرَ نَہ لاھِيان ويسُ، گهورِئو ھِيءُ پَرَديسُ، پاڙي…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- پَٽِيھَلُ چئَي پِرِينءَ کي، ساري آئُون سُڪو، دوسَ دِلاسو دِلِئان، مان ڏي ڪونَہ مُڪو، آھِمِ اولاڪو، جَسودَنَ جو جانِ ۾.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]