حُجَ بابت
معنيٰ
حُجت، گستاخي، گَھرائپ، دوستانو ناتو. دلاسو، همت. اُميد، آسرو، ڀروسو.
Argument, insolence, insolence, friendlessness. Comfort, courage. Hope, trust.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي ھَلُ، عُذرِخواھِيُون عاجِزيُون، سَسُئِي ڪَنھِن مَ سَلُ، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئُن ري ڪونهي لَلُ، اِيءُ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيجِ، ڪُٻيلِياڻِي ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ ھَلائيجِ، پاڻَ ڌاران پِريَتَڻو، سَسُئِي ساڻُ کَڻيجِ، اوڏِي عَزازِيلَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ٿَڪُ تَہ ٿِيين ٿانءِ، پَھتِي ڪانَہ پَنڌُ ڪَري، سي لالَڻَ ھَنيُون لاءِ، مَنجهان حُجَ ھَلَنِ جي.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- جيڏِيُون آئُون تان نَہ چَوَندِي لو، ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ جي صَريِحُ، سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ، ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪِئائِين ڪيچِيَنِ لاءِ، جُسو جَلاوَتَ، ڇَڏي پيٺِي ڇَپَرين، ھارِي سَڀَ حُجَتَ، ھُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- جيھِي جٖي تيھِي، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، حُجَتَ ھوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَليءِ آئُون پيئِي،…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- قَدُ ٻَڌِي تُون ڪِينَ، پَھچَندِينءَ پُنهونءَ سين، جٖي سِينو ساھِين سَسُئِي، ٿِينِ تَھِوارون تِينَ، مُٺِي ٿِيءُ مِسڪِينَ، حُجَتَ ھوتُ وِڃايو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چاڙِھِيڪَنِ چَڙِھِي، آڙِيڪَنِ اَڙِي، پييَمِ ھوتَ پُنهونءَ سين.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چَکِئَمِ چاڙِھيڪا، اَدِيُون آڙِيڪا ھِينئَڙي پِئا ھوتَ سين.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چاڙِھيڪا چَکِئامِ، آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏُونگَرِ ڏِينھَن لَڳاَمِ، پُڇِجِ پِرِين سَندامِ، وِرتِيَسِ وِکَ نَہ اُپِڙي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- مُنھِنجي حُجَتَ ناھي واٽَ، جِيجَن تَنِ جَتَنِ سين، تازو پيرُ پُنهونءَ جو، لُڙئو مَنجِهہ لُڙاٽ، مارِئو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي، پِرِينءَ پيشانِي، سي ڪِيئَن وَڃَنِمِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي، تَنِي جِي ٻانِهي، ڪِھَڙِي حُجَ ھَلايان.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڪانڌَ ڪَمِيڻِي آھِيان، ھَلايان نَہ حُجَتَ، چَنيسَرَ جي چِتَ، ڪَٽُ نَہ لايان ڪَڏِھِين.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- عَجَبُ اَجَهلُ ھوءِ، نُورِيءَ جي نِيازَ جو، سَمُو سِرُ سَڀَنِ ۾، مي مُورِڇِئو سو، اَچِئو اُڀِيَنِ پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]