حُجَ جي سنڌي معنيٰ
حُجت، گستاخي، گَھرائپ، دوستانو ناتو. دلاسو، همت. اُميد، آسرو، ڀروسو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Argument, insolence, insolence, friendlessness. Comfort, courage. Hope, trust.
حُجَ جا بيتن ۾ حوالا
مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي ھَلُ،
عُذرِخواھِيُون عاجِزيُون، سَسُئِي ڪَنھِن مَ سَلُ،
ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئُن ري ڪونهي لَلُ،
اِيءُ ڀَلائِيءَ جو ڀَلۡ، جِيئَن پاسي ٿِيَڻُ پاڻَ کان.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 13 ]

مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيجِ،
ڪُٻيلِياڻِي ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ ھَلائيجِ،
پاڻَ ڌاران پِريَتَڻو، سَسُئِي ساڻُ کَڻيجِ،
اوڏِي عَزازِيلَ کي، ويجهِي تان مَ وَڃيجِ،
نااُميدِي نيجِ، تَہ اوڏِي ٿِيين اُميدَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 14 ]

ٿَڪُ تَہ ٿِيين ٿانءِ، پَھتِي ڪانَہ پَنڌُ ڪَري،
سي لالَڻَ ھَنيُون لاءِ، مَنجهان حُجَ ھَلَنِ جي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 24 ]

جيڏِيُون آئُون تان نَہ چَوَندِي لو، ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ جي صَريِحُ،
سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ،
ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ جِي، ڪوھِيارِي سين ڪا نَہ،
سو تُون صاحِبُ آھِين، جو نَہ ڀيرائِيين ڀانَ،
سُوالِي سَمَگِئا، داتا ڏيئِي دانَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 19 ]

ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چاڙِھِيڪَنِ چَڙِھِي،
آڙِيڪَنِ اَڙِي، پييَمِ ھوتَ پُنهونءَ سين.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 20 ]

ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چَکِئَمِ چاڙِھيڪا،
اَدِيُون آڙِيڪا ھِينئَڙي پِئا ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 21 ]

ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چاڙِھيڪا چَکِئامِ،
آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏُونگَرِ ڏِينھَن لَڳاَمِ،
پُڇِجِ پِرِين سَندامِ، وِرتِيَسِ وِکَ نَہ اُپِڙي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 22 ]

مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي، پِرِينءَ پيشانِي،
سي ڪِيئَن وَڃَنِمِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي،
تَنِي جِي ٻانِهي، ڪِھَڙِي حُجَ ھَلايان.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 15 ]