حُجِرو جي سنڌي معنيٰ
ڪوٺڙي، عبادت ڪرڻ لاءِ خلوت خانو. مسجد سان لڳ ننڍڙي ڪوٺي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A small room, attached room with any worship place.
حُجِرو جا بيتن ۾ حوالا
اَڏي وِئا اوڏَ، حُجِرو لاکي ڄامَ جو،
پَسُ ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 28 ]
پَسُ ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 28 ]
تَنُ کُڏِي مَنُ حُجِرو، ڪِيَمِ چالِيھا رَکُ،
پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين، اَٺَئِي پَھَرَ اَلَکُ،
تان تُون پاڻُ پَرِکُ، ھُو سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 21 ]