حِجابُ جي سنڌي معنيٰ
پردو، پڙدو، اوٽ، آڙَ، آڏَ، روڪ، رنڊڪَ. ڦِڪائي، شرم، پاڪدامني، ڀرم، غيرت، لحاظ، رياءُ، حياءُ، لَڄَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Veil, tapestry, curtain, chador, concealment, modesty, bashfulness, shame.
حِجابُ جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، پاڻان ھوءِ حِجابُ،
واڄَٽُ وَڄِي وُجُودَ ۾، رَھِيو رُوحَ رَبابُ،
ساھَڙَ ريءَ ثَوابُ، آئُون گهَڻو ئِي گهورِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 23 ]

ھُئَڻُ تو حِجابُ، لَنگهِہ تَہ لَھين سُپِرِين،
اَلصَلاتُ مِنَ الصَلاتِ ، کامِي ٿِيءُ خَرابُ،
جِسمُ دوزَخُ دابُ، ڪَلُ ڪائِنُ داخِلين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 4 ]