ھَلَندِي بابت
معنيٰ
ڄُلندِي، گڏ ٿيندِي، ويندِي، ساڻ سفر ڪندِي.
To move, go, proceed, shake, beat as the pulse, get on, last, pass current.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا ھَلَندِي جيڏِيُون، وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- اَئِين مُون کي زورِ مَ جَهلِيو وو جيڏِيُون وو، آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي ھاءِ ھاءِ، سُورُ تُنھِنجو سُپِرِين، مَعذُورِ کي…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- وَڃو سَڀَ موٽِي، اَئِين جٖي وَرَنِ وارِيُون، ڪانَہ ھَلَندِي ڪيچَ ڏي، مُون کي ڪَرِيو مَ کوٽِي، ڪَڍِيَم ڪا ڇوٽِي، وِڌُمِ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪيچِ نَہ جُنبَڻَ جاءِ، تَہ ڪا ھَلَندِي ھوتَ ڏي، مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نَہ ڪَري.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪوھُ ٿِيُون ڪوڙُ ڪَرِيو، ڪانَہ ھَلَندِي ڪيچَ ڏي، سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو، جَنِي چِتُ چَرِيو،…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو، آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي، پُڇان واٽَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- مُون کي جَهلَ مَ پايو، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي، ھِيءُ جو بارُ ڀَنڀورَ جو، لوٺِيءَ تان سَڀَ لاھِيو، آھي…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھَلَندِي ھاڙھو مَڻِي، سِسِي ڏيِندِيَسِ ساھُ، لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، پاري نِئُمِ پاھُ، ڪَندو ٻاجَهہ اللهُ، وِھان تان نَہ وَسِ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- مِنَٿَ ڪَرَڻَ مُنڌَ کي، آيُون سَرَتِيُون سَڀَيئِي، رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، ھارِي ھِيتيئِي، صُباحَ سَڀَيئِي، تو سين ھَلَندِيُون سَسُئِي.[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- صُبوحَ تائِين سُورَ، ڪيرَ سَھَندِي سَرَتِيُون، گهُٽِيان رَھَنِ نَہ گَهٽَ ۾، پيغامَنِ جا پُورَ، آئُون مُيائِي مَنظُورَ، ھِينئَر ھَلَندِي ھوتَ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي، جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو…[ سُر ديسي - وايون ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، وَرَ چُونڊِيندِي وَڃُ، آھي اِي اُھُڃُ، ھاڙھي ھَلَندِيُنِ جو.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ھِئان ٿي ھَلَندِياسِ، سَرَتِيُون ساڻيھَ سامُهِين، سونَ ڪَڙولا سَنگهَروُن، ڏُونگَرَ کي ڏِيندِياسِ، آيلِ ٻاروچَنِ سين، ڪيسَرِيا ڪَندِياسِ، مِليَسِ تَہ مِلياسِ،…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي ھئَي وو لَڏي ڏُورِ وِئامِ، مُنھِنجو ھوتُ نَہ موٽِئو، ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگهي مَنجِهہ پييامِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون ھَلَندِي اُنِ سين، حِرصَ ھَوا جِيءَ جَنِ جا، سُکين تان نَہ سَڌايا، تَنِ تَڪِيا تاڪي…[ سُر رامڪلي - وايون ]