ڀايان بابت
معنيٰ
سمجهان، ڄاڻان. خيال ڪريان. ويچاريان، سوچيان، گمان ڪريان. فرض ڪريان. تخمينو يا اندازو لڳايان. پاڻ کي ڪا شيءِ سمجهان،
Feeling, estimating, knowing, keeping in mind.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ، نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي، ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي، ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي، جَو پَسان سو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڏُھلا مُون ڏِينھَن ٿِئا، پييَمِ ڄامَ ڄَيُون، ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾، ٿِئَڙُم رُوحُ رَيُون، لُڇِئو ٿِئام لَطِيفُ چئَي، ڪارَڻِ دوسِتَ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو، پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي، مُنھُن ڪَرِ…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪيچان آيو قافِلو، ڀَليرو ڀايان، پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱَنِ کي، لايان، چَنبيلِي چايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان، جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ، سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو، مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ، شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- جانِي مُنھِنجي جِيءَ ۾، جي تو طَمَعُ پوءِ، وَٺُ ڪاتِي وَڍِ اَڱڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪو، ڀايان ڀالُ سَندوءِ، جي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- وِھان ڪِيئَن ڪَري مُون سِرِ باھِ ٻَري، راڻا تو ريءَ رِڻُ ٿِي ڀايان، سوڍو سي سارِيندِيُون، لَڳو جَنِ ڳَري، آءُ…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]