پيٽَ بابت
معنيٰ
بدن جو هڪ ڀاڱو جنھن ۾ آنڊا اوجهري وغيرہ ٿين، شِڪم، معدو، گرڀُ، حَمَل.
The belly, womb, the fetus in the womb.
بيتن ۽ وائين ۾
- پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي سَندِيءَ ماءُ، ڏِسِي جَنھِن اللهُ، ٽُٻِي ڏِنِي ڌُوڙِ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ، جِتي اَتُ نَہ آبَ جو، اَلا اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ، جوکو ٿِئي مَ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ، آڻِيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڌِي ٻوڙي ٻيٽَ، جِتِ چِڪَڻِ جِي چَپيٽَ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- واھُڙَ وَھِين مَ شالَ، ڦِٽِي ٻيلاٽِيُون ٿِيين، پَسان تُنھِنجي پيٽَ ۾، لاڻا لُوتَ لِيارَ، جِيئَن تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- اَڱَڻِ آيا نَہ سَھان، ويٺي گهَرِ گُهَرانِ، مُنھَن مُقابِلِ سُپِرِين، پَسِئو ٿِي پَچانِ، وارُ نَہ سَھانِ وِچَ ۾، اَڃا دَرمِيانِ،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا، پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ، اِنهين راھِ رَسَنِ، ڪاپَڙِي ڪابُولَ کي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ڪَسي ساڻُ ڪَسي، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا، پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھنجا، چوري ساڻُ چَسي، واراڳِيَنِ وَسي، رامُ سَدائِين رُوحَ ۾.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ مُگِٽَ موڙَ، ڪَمَر پَٽا پيٽَ تي، نانگَنِ ٻَڌا نوڙَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، مَٿي گَنگا…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪانگُ قاصِدُ ڪِيئَن، جو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي، پھرِين ڪَري پيٽَ جِي، پوءِ وَڃِي سيَڻنِ سِيئَن، حالُ جَنھِن جو ھِينئَن،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَرِ، جو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي، ڪِ ڪَندو پَنھِنجي پيٽَ جِي، ڪِ ويندو دوسِتَنِ دَرِ، جَنھِن جِي…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڇِنَلَ ڇَڄَ ھَٿَنِ ۾، ڪُلَهنِ ڪوڏارا، پورِھِيي ڪارَڻِ پيٽَ جي، اُٿِيَنِ سَوارا، اوڏَ پِہ ويچارا، لاکا وَڃَنِ لَڏِئو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- سَڄَڻَ سان نَہ ڀيٽَ، ڳُجُهہ ڳَرھِيان ڪَنِ سين، ڳالِهيُون اَندَرِ پيٽَ، سَلا موري سُڪِيُون.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- ڳالِهيُون پيٽَ وَرَنِ ۾، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون، پَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون، گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- آمان ڀانيان اَڪَ، کَٻَڙَ کَٿُورِئان وِتَرا، ڪُٽِيان پَٽيان پيٽَ کي، ماکِيان مِٺِي مَڪَ، ڪوڪَڙُ ڪَوڍيرَنِ ۾، ڦوڪِيو ڀَرِيان ڦَڪَ، وَرُ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ ڏاڏاڻي پَکَڙين، جُهپو جهانگِيَڙنِ جو، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽيندي، پُسِي کِيندِيَسِ پيٽَ ۾، ڏورا ڏَنُ…[ سُر مارئي - وايون ]
- جَنِ جي واڇُنِئان وِھُ وَھي، سُڪا جَنِي پيٽَ، تَنِي جِيءَ سانڀيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿِئي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- سَنَها ڀانءِ مَ سَپَ، سُڪا جَنِي پيٽَ، جَنِي جِي چَپيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿِئي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ سَنَها ئِي پيٽَ، تَنِي سَندِيءَ ڏيٺِ، ھاٿِي ھَنڌان نَہ چُري.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- نِيرَ وَرَنا نانگَڙا، اَڇا پيٽَ سَندانِ، جُھ پِئو پيرُ مَٿانِ، تَہ اُنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- سِپَ موتِي پيٽَ ۾، ڪُڇي ڪِينَ مُھاءُ، ڪُڪِڙِ آنو ڪُڙِه ۾، گهَرِ گهَرِ ڪَري گَواھُ.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]