ٻِيءَ بابت
معنيٰ
نِراليءَ، جدا. ڌاريءَ، پرائِيءَ. ويڳيءَ. ”ٻيو“ جو مونث.
Second, other one, extra, other
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَتان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ ڪُلُ، حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ، ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- عاشِقَ اِيئَن نَہ ھُونِ، جيئَن تُون سَڄي اَڱُڙين، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، رَتُ ڏِھاڙِي رُوُنِ، ٻِيءَ پَرِ ڪَنھِن نَہ پُونِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- حُسَينِي حُسينَ لَئي، بِيبِيءَ پاڻَ چَئِي، تِھان پوءِ پَئِي، خَبَرَ ٻِيءَ خَلَقَ کي.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ ناھِ پَچارَ، اَندَرِ ٿِي آھُون ڪَري، کاڻِي مَنجِهہ خُمارَ، گِرِيي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، رُئَڻُ مُون رِياءُ، بَرَنِ مَنجِهہ بُڪاءُ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻُڌُمِ جيڏِيُون.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ٻاروچو ٻِيءَ رُوءِ، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين، سَنجهي ۽ صُبُوحِ، ھُوندَ نَہ وِئَڙو وِسَرِي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ٻاروچو ٻِيءَ ڀَتِ، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين، مُون جِيئَن مُوڙِھِيَنِ مَتِ، پَسَنديئِي پُنهونءَ کي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ٻِيجَلَ کي ٻِيءَ راتِ ۾، سَڏايو سُلطانَ، تَہ اَڳي ڪو نَہ آيو، ڪو ڀيرِ تُنھِنجي ڀانَ، جانِئان جِيءُ جُدا ڪِئو،…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين، راڻي رِڻُ ڪِئو، قَلبُ ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پُرزا ٿِي پِئو، ٻُجهان ٻِيءَ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جٖي، وَتَنِ ۾ وَھلُورَ، ٻَھَرِ ٻولِيءَ ٻِيءَ ڦِرَنِ، گَهٽَ ۾ گهايَلَ گهُورَ، چِتَ جَنِي جا چُورَ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جِيئَن قَطَرُ چُڻِئو ڪُڙِه ڀَرِيين، ٻولِ ڀَڃَندي ھَنجَ، موتِي جٖي مَھِراڻَ جا، پُورا چُڻِجِ پَنجَ، اَڄُ ڪِ صُباحَ سَنجَهہ، ڍَٻِيءَ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]