ٻيلي بابت
معنيٰ
گهڻن ۽ وڏن وڻن واري ايراضي، جهنگل. درياءَ جي ڪنڌيءَ لڳ وڻن ۽ ٻُوڙن واري ايراضي. گهاٽو جهنگ، لس ٻيلو، سنڌ جي اولهائين ڏکڻ پاسي بلوچستان جو ھڪ شھر ۽ علائقو.
Jungle, wildreness, area name of Baluchistan.
بيتن ۽ وائين ۾
- کَرَڪَنِ خُوشِ ڪِئاسِ، ٻيلي پارِ ٻُرَنِ جٖي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، آڌِيءَ تي اُٿِياسِ، سُتِي جاڳاياسِ، سانڀَرَ سُپَيرِيَن جي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ٻيلي پارِ ٻُرِي، مُون کي چَڙَنِ چورِئو، مُحبَتِيءَ ميھارَ جِي، سُتِي شاخَ چُريِ، مَٿي جهوڪَ جُهرِي، پُوندِيَسِ پاڙيچَنِ جي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ، مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي،…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي، جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري، ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ٻيلي ٻَئِي پارَ، جانۡ مُون نيڻين گهَڻو نِھارِئا، چوري رَکِئَمِ چِتَ ۾، ڏِسِنِ جا ڏاتارَ، تانۡ ھِيءُ سِرُ توھان ڌارَ،…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- اَبَڙو اَگامَنِ ۾، سَٻَڙُ جِيئَن ٻيلي، سي پَٽَ ڪَنھِن نَہ پُورِئا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي، سَمُو سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، رِڃُون…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- اِھَڙِيءَ آسَ اَپارَ، پارِيُون جَهلِئو نَہ رَھي، ٻيلي ۽ گِرنارَ، اُٺو گَنگا جَرُ جَکِرو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِئو، سُڻائي سُتَنِ کي، وِھاڻِيءَ وِئو، ڄاڻي ڪِينَ ٻِئو، سُرُ سِکِئوئِي ھيڪِڙو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- پَسي ڀَرِ پِئو، ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، چارَڻُ چاڙِھي چَوڏولَ ۾، نِماڻُو نِھو، رُونجهي راتِ ڪِئو، سَرفَرازُ سَيِّدُ چئَي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڏَڏُ ٿِي گُهرُ، ڇَڏِ وِڄا جِي وائِي، سَمي راتِ سَنباھِئا، تازِي تو لائِي، جو ڄاڻي نَہ ڳائِيۡ، تَنھِن سين ٻيلي…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ٻُجهان ٻاجَهہ ٿِي، ٻاجهاڻو ٻيلي ڌَڻِي، سَٻَڙَ سا سُئِي، جا چارَڻَ جي چِتَ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- مُنجِهي ويھُ مَ مَڱڻا، ڪَنجِهيَنِ لاھِ ڪَسُ، ٻيلي ۾ ٻاجهُون ٿِيُون، رِڙھِي رُونجهاڻِيءَ رَسُ، پاٺَ پَھرئا پَسُ، ڏَڏَنِ ڏاتِيُون لَڌِيُونۡ.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]