ٻيلي جي سنڌي معنيٰ
گهڻن ۽ وڏن وڻن واري ايراضي، جهنگل. درياءَ جي ڪنڌيءَ لڳ وڻن ۽ ٻُوڙن واري ايراضي. گهاٽو جهنگ، لس ٻيلو، سنڌ جي اولهائين ڏکڻ پاسي بلوچستان جو ھڪ شھر ۽ علائقو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Jungle, wildreness, area name of Baluchistan.
ٻيلي جا بيتن ۾ حوالا
ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي،
جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري،
ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ ۾ سونٽا ماري،
ٻيلي پارِ ٻُرِنِ جي، تَنِ کرَڪَنِ وِڌِيَسِ کاري،
ٻيلي ٻِنِهِي ڪَنڌِيين، مُحِبُ مينھِيُون ٿو چاري،
ھُوءِ ھُونگارُون پُون پُڪارُون، تَڙِ تَڙِ دوسِتُ تنواري،
ھُوءَ جا پِڪَ پِريمَ جِي، آھِيان تَنھِن آساري.
[ سُر سھڻي، وايون، 14 ]

کَرَڪَنِ خُوشِ ڪِئاسِ، ٻيلي پارِ ٻُرَنِ جٖي،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، آڌِيءَ تي اُٿِياسِ،
سُتِي جاڳاياسِ، سانڀَرَ سُپَيرِيَن جي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 8 ]
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، آڌِيءَ تي اُٿِياسِ،
سُتِي جاڳاياسِ، سانڀَرَ سُپَيرِيَن جي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 8 ]
ٻيلي پارِ ٻُرِي، مُون کي چَڙَنِ چورِئو،
مُحبَتِيءَ ميھارَ جِي، سُتِي شاخَ چُريِ،
مَٿي جهوڪَ جُهرِي، پُوندِيَسِ پاڙيچَنِ جي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 10 ]
مُحبَتِيءَ ميھارَ جِي، سُتِي شاخَ چُريِ،
مَٿي جهوڪَ جُهرِي، پُوندِيَسِ پاڙيچَنِ جي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 10 ]
تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي،
ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ،
مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي، پَھسَ پِريان جو پُورُ،
ٻيلي ٻِنِهي ڪَنڌِيين، نِتُ نِھاري نُورُ،
مَنجهان جَرَ ضَرُورُ، ڪَچي کي ڪو مَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 1 ]

اَبَڙو اَگامَنِ ۾، سَٻَڙُ جِيئَن ٻيلي،
سي پَٽَ ڪَنھِن نَہ پُورِئا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي،
سَمُو سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، رِڃُون ٿو ريلي،
اَچَنِ جي ويلي، تَنِ بورَ بَخشي ڀِٽَ ڌَڻِي .
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 17 ]
سي پَٽَ ڪَنھِن نَہ پُورِئا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي،
سَمُو سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، رِڃُون ٿو ريلي،
اَچَنِ جي ويلي، تَنِ بورَ بَخشي ڀِٽَ ڌَڻِي .
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 17 ]
اِھَڙِيءَ آسَ اَپارَ، پارِيُون جَهلِئو نَہ رَھي،
ٻيلي ۽ گِرنارَ، اُٺو گَنگا جَرُ جَکِرو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 28 ]
ٻيلي ۽ گِرنارَ، اُٺو گَنگا جَرُ جَکِرو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 28 ]
ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِئو،
سُڻائي سُتَنِ کي، وِھاڻِيءَ وِئو،
ڄاڻي ڪِينَ ٻِئو، سُرُ سِکِئوئِي ھيڪِڙو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 13 ]
سُڻائي سُتَنِ کي، وِھاڻِيءَ وِئو،
ڄاڻي ڪِينَ ٻِئو، سُرُ سِکِئوئِي ھيڪِڙو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 13 ]
پَسي ڀَرِ پِئو، ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري،
چارَڻُ چاڙِھي چَوڏولَ ۾، نِماڻُو نِھو،
رُونجهي راتِ ڪِئو، سَرفَرازُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 14 ]
چارَڻُ چاڙِھي چَوڏولَ ۾، نِماڻُو نِھو،
رُونجهي راتِ ڪِئو، سَرفَرازُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 14 ]
ڏَڏُ ٿِي گُهرُ، ڇَڏِ وِڄا جِي وائِي،
سَمي راتِ سَنباھِئا، تازِي تو لائِي،
جو ڄاڻي نَہ ڳائِيۡ، تَنھِن سين ٻيلي ڌَڻِي ٻاجَهہ ڪِي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 26 ]
سَمي راتِ سَنباھِئا، تازِي تو لائِي،
جو ڄاڻي نَہ ڳائِيۡ، تَنھِن سين ٻيلي ڌَڻِي ٻاجَهہ ڪِي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 26 ]
ٻُجهان ٻاجَهہ ٿِي، ٻاجهاڻو ٻيلي ڌَڻِي،
سَٻَڙَ سا سُئِي، جا چارَڻَ جي چِتَ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 28 ]
سَٻَڙَ سا سُئِي، جا چارَڻَ جي چِتَ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 28 ]
English Meaning
Jungle, wildreness, area name of Baluchistan.