موٽَڻُ بابت
معنيٰ
موٽي اچڻ، موٽي وڃڻ، موٽ کائڻ، وَرڻ، واپس اچڻ. پويان پير ڪرڻ، پُٺتي ھٽڻ. ھَٽڻ، پُٺ ڏيڻ، اصلوڪي حالت ۾ اچڻ. لھڻ (بدن ۾)، گهٽجڻ پڌارجڻ، روانو ٿيڻ، اُسھڻ، موڪلائڻ. (موٽيو، موٽندو، موٽيل).
To return, go or come back, recede, retire, turn back.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو، مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ، ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سَڌين سيڻَ نَہ ھُونِ، نِينھُن نِياپي نَہ ٿِئي، ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ، موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، سائُو سَڀَ نَہ ھُونِ، پِڙَ تي سيئِي پُونِ، موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- ڪاري ڪَڪَرَ ھيٺِ، مُون جهيڙيندا ڇَڏِئا، ڪارا ڪُندَ ھَٿَنِ ۾، اَڙِ وَلَ وَڇيرا ھيٺِ، ٿِيَمِ تَنِي سين ڏيٺِ موٽَڻُ جَنِي…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ڏُونگَرَ ۾ ڏَھڪارُ، موٽَڻُ مَيَنَ جو مَسَ ٿِئي، وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ، ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، مُنھِنجو اَٽَلُ آرِياڻِي، چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي، ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي، جا وِندُرِ…[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، موٽَڻُ تَنِي ميھَڻو، اِيءُ مَرَڪُ مَعذُورِنِ، جِيئَن مَرَنِ پِريان جي پيرَ تي.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ کان پوءِ، پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ، جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- تِيئان مُومَلَ موٽَڻُ لِکِئو، سَھِسين جِيئَان سِکَنِ، سي ھُونھِين جاڙَ جِيَنِ، جٖي ڪوري ڪاغَذِ آيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- پيرُ پَروڙي پاءِ، گَنجي ۾ گُنَ گَهڻا، کاھوڙِي کَرا وِئا، نَہ ڪا اوڏِي ماءِ، جَنِي ڏِٺِي جاءِ، تَنِي موٽَڻُ ميهَڻُو.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- عُمَرُ چاڙِهي اُٺِ تي، پُڄِي نِيو پَنوهارِ، ڏِنُو ڏاڍي بَندَ ۾، سُومَرو سَنگَهارِ، نيئِي ٿَرِ آڳِٽِئو، پُرسُ پَرائِيءَ نارِ، مارُو…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- مَٿي جَهڙَ جَهڙِينِ، ٻيئِي ڪارايَلَ پاڻَ ۾، نُوڻِي نانگَ نَہ ڏِينِ، مُوران موٽَڻُ مِيهَڻُون.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]