ماھُ بابت
معنيٰ
ماسُ، گوشت، ٻُوٽيون،
Flesh, meat.

بيتن ۽ وائين ۾
- پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ، سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- پَلَڪُ نَہ رَھي دِلِ تو ري، وَرُ مِيان صاحِبَ خانَ بلوچا، اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان سي ٽَڪَرَ ٽوري، ڏُکَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهنِ ٿِيندِي ڳاھُ، سَسُئِيءَ سُورِيءَ چاڙِھِئو، پِريان لَئي پاساھُ، ھُوءِ مِرُون ھِيءُ ماھُ، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکئِو.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ٻيلِي ٿِئو مِرُوئا، تَہ ڏُونگَرَ ڏورِيان پِرِينءَ لاءِ، ھَڏُ وِجَهندِيَسِ ڇَپَرين ماھُ آن جو ڳاھُ، اَکِيُون ڇَڏيجا، جَنِ سان پَسان…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا، ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جِھَڙو ماھُ مُنِيرُ، فَيضُ فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِئو.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- جُسي سَنڌو جَو ڪَري سو مُون نَہ گُهرِجي ماھُ، سامِي مُنھِنجو ساھُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- سَدا سَناسِيَنِ جُون، اَکِيُون آلو ماھُ، واري نيڻَ نِنڊان، جانۡ ڪي جَهلِئا جوڳِيين.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- گُندِيءَ نِينھُن نَہ سَپَجي، تُهہ نَہ پَچي ماھُ، اِنَ ڪَچِيءَ پَرِ ڪِئان، ٿِئي سَما جوڳُ سين سَڄَڻين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- گُندِيءَ نِينھُن نَہ سَپَجي، تُھِ نَہ پَچي ماھُ، بُڻُ جَنھِن جِيءَ ذاتِ جو، اُتي آھِ اللهُ، اُنَ کي اُوءِ جُڳاءِ،…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- سَنِهِيءَ سُوئِيءَ سِبِئو، مُون مارُوءَ سين ساھُ، ويٺِي سارِئان سُومَرا، گولاڙا ۽ گاھُ، ھِنيُون مُنھِنجو ھُنِ سين، ھِتِ مِٽِي ۽…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- زيرِيين ٻيڙِيين لوھَ ۾، ڳَٽِنِ ڪِيَسِ ڳاھُ، سَنڪي سَندي سُومَري، ھَڏِ نَہ چاڙھِئم ماھُ، سَرَتِيُون دُعا ڪِجاھُ، تَہ ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- پَکِي تَنھِن پُڄايا، جَنھِن ۾ ساھُ نَہ ماھُ، مَنجِهہ ڪَرنگهَرُ ڪاٺَ جو، مَٿي پَکَنۡ چاھُ، ويچارَنِ ويساھُ، مَٿي پَکَنۡ آيو.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]