سَڳَرَ بابت
معنيٰ
واٽَ، راھَ، رستي، دَڳَ، ڪاروان.
Way, path, a body of persons, flock, caravan.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ سُونھين جٖي، آيُون تَنِي کي، واڌايُون وِصالَ جُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- لوچِ دا وي بَلوچَ دا، ميرا مَنُ، پِيران نوُن سَڏيِندِيان، سَڳَرَ پَٽِيدِيان، اَلا ھو آڻِ مِلائِيين پُنهون ڪيچ دا.[ سُر آبڙي - وايون ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ ھيبَتَ ھُوءِ ھُڳاءُ، رَھِئا راتِ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ تو لاءِ، پَرَوَرَ ڄامَ پُڇا ڪِي،…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- پُڄان جي نَہ پُڄان، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان، سَڳَرَ ۾ سُڄان، تَہ رائي ۾ رَڙِي مُئِي.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ، ٿا لَڳَھَ لَڳَنِ پاڻَ ۾، آئُون پِيادي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ، اَرڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪِرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ، سوڙِھا…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- سَڳَرَ مَجِهہ سُڻِينِ، اي يا اللہ، سَڏَ مُنھِنجا سُپِرِين، ڪا جَا اُرڪَ اوٺِيين، ڪَرَھَلَ ڪوڏِ ڪَشِينِ، ڪامِلَ ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن،…[ سُر ديسي - وايون ]
- سَڏَنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو ھَڏِ مَ لاھِ، مانَ تُنھِنجِي ڪا، سَڳَرَ ۾ سارَ ٿِئي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- مَرُ مَعذُورِ ھُئان، اَلا چَڱِي مَ ٿِيان، رِڙھان ۽ رُئان، پُٺِيءَ سَڳَرَ ساٿَ جي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ھوتَنِ ڪانَہ ھُئِي، پاڻِهين پييَمِ پُنهون سين، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سُئِي، سا موٽي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو ھِييُون…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- مَرَڻُ مُسَلِم جَنِ، واحِدُ تَنِ نَہ وِسَرِي، مَٿي سَڳَرَ ڪاپَڙِي، نانگا نِنڊَ نَہ ڪَنِ، نيڻَ سَندا ئِي تَنِ، اوجاڳي اُجارِئا.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- مَٿي واٽَڙيُنِ، نيڻَ نِھارا مُون ڪِئا، اِيندا مانَ پَسَنِ، مَٿان سَڳَرَ سُپِرِين.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- گُوندَرَ ڪِئو غَرَقُ، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو، ڏُکويُنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳَرَ پَنڌَڙا.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- پَٽَ پُراڻا وَسِئا، اَچِي چَيائُون، ڏَنئُرا پُسِي ڏيھَ ۾، ساماڻُون سائُون، هِتِ هيڪَلِيِ آئُون، هُتِ سَڳَرَ ساهيڙِيُنِ جا.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، وَطَنُ ويڙِهيچَنِ، نَحل حِجرِ بَنِي اسِرائِيل، اِي پَنڌُ پَنوَهارَنِ، سَجدَہ اَحزابِ سَبا، مَنجِهين رُوم رَهَنِ، نيئِي اَڏِئا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]