خَبَرُون بابت
معنيٰ
آگاهي، واقفيت، اطلاع، ڄاڻ. افواھ، هُل، هواڻو. احوال، سماچار، سُڌ سماءُ، سَمَڪَ، پروڙ، کُڙَڪَ، ڪل، سَنديشُ، سَنيھا، پيغام، پيام، نياپا. علم، گيانُ، ڄاڻَ، پتو، نشان، سُراغ. سمجهہ، عقل، سُڌ ٻُڌ، معلومات.
News, intelligence, information, knowledge.
بيتن ۽ وائين ۾
- پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي، جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- اورِيائِينِ آڻِينِ، ميڙِئو مُعلِمَ خَبَرُون، سا سُڌِ ڪَھِين نَہ ڏِينِ، جِتي وَھُ ويڌَ ڪَري.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ٻيڙِياتا ٻيئِي، تو نَہ ڦَٻَندِيُون ڳالِهيون، سَڄِيُون راتِيُون سُمَھين، ڀَرُ سُکان ڏيئِي، سُڀا سَڀَيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ناکُئو نِگَھِبانُ، مُعلِمَ مُجي خَبَرُون، جَنِ ساري کَنيو سَمُنڊَ ۾، سَفَرَ جو سامانُ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، تَنِ لَنگِهئو طُوفانُ،…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون، سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- ڏُکِي ڏُکُ مَٿي ڪَري، وانءُ ڇَپَرِ پيھِي، گَڏِبِئِي ڏيھِي، سُوڌِيُون ڏِيندَءِ خَبَرُون.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- لَڪِ چَڙِهئو رِڻِ روءِ، ڪَري سَٻاجها سَڏَڙا، اِيندَنِ پُڇي خَبَرُون، وِيندَنِ پيرين پوءِ، اُٺَنِ ۽ اوٺِيَڙَنِ جو، مُون کي ڏَسُ…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڏُکويُون ڏيھان، جيڪُسِ لَڏي وييُون، ھاڻي ڪَنِ مُلا، پُڇان پِرِيَنِ خَبَرُون.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- وَسِي وَسِي مِينھُن، جِيئَن لَٽي وييَسِ کيھَ، توءِ پِريان جي ڏيھَ، پيئِي پُڇِي خَبَرُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- پِرھَ جو پَيدا ٿِئو، سامِي ڪِي سِڄُ، مَٿِسِ رَتو مولِهِيو، جِيئَن سا ڪَڪَرَ وِڄُ، ڪَنھِين ڊاءِ مَ ڊِڄُ، کَرِيُون ويھِي…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- ٽي ڏِينھِن ٽَمَڪائِينِ، دُونھِيُون دائِرَنِ ۾، ميڙِئو ڪَڻِڄَ ڪاٺِيُون، جوڳِي جَلائِينِ، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيَنِ آھِينِ، ڳُجُهہ نَہ ڳالَهائِينِ، لِڪا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ويراڳِي واري، اللهَ آڻِ وَطَنَ تي، ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان، تُھَنِ جِيئَن تاري، اِيندامِ اوتاري، کِيئَن جُون ڏِيندَمِ خَبَرُون.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- ڪانگَلُ نَہ ڪُوڙو، جَو کُڏِ چَڙِهئو ڏي خَبَرُون، اَچي وَڃي وِچَ ۾، مَٿي دَرَ دُوڙو، جَو اَندَرِ اوسِيڙو، سو لاٿائِين…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- قَرِيبَنِ جو ڪانگَڙو، مَٿي ٽارَ ٽِلي، کَڻِئو کِيانتو خَبَرُون، کِيرُون ڏِئو کِلِي، لائِي جَنھِن لالَڻَ سان، مُنھِنجِي باتِ بِلي، سو…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وِيرَ، اَکِيُنِ پارِ پِرِيَنِ جي، سارو ڏِينھُن سُڪِيرَ، پانڌِي پَرَوَرَ مِيرَ، کِيئَن جُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وَسَ، اَکِيُون پارِ پِرِيَنِ جي، گامَ نِھارِينِ گَسَ، ڏِيندا پانڌِي ڏَسَ، کِيئَن جُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- آيو ڪيرُ ڏيھان، جَنھِن ڪَرَ پُڇان خَبَرُون، وِڄُون اُنَ وَراءَ، راتِ مارُوءَ ڏي وُٺِيُون.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- پِھرِين راتِ مَلِيرَ ري، مُون کي جا پيئِي، اُونداهِيءَ اَندوهَ ۾، وِھامِي ويئِي، ڏُورِ ٿِئا ڏيھِي، ڪَنِ ڪَرَ پُڇان خَبَرُون.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- اُوَيرَ ڪونَہ آيو، ماڻُهو مَلِيران جَنھِن ڪَرَ پُڇان خَبَرُون، اُٿِئو اُڪِيران، جُسو زَنجِيران، ڦارَڪُ ٿِئو فَقِيرِ جو.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]