اوڏو بابت
معنيٰ
ويجهو، قريب، نيڙي
Near
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪارائِيان قَرِيبُ، وَنِيئُون ويجهو گهَڻو، دارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ، ايھي حالِ حَبِيبُ، ساھان اوڏو سُپِرِين.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڌُوڌا تُون نَہ ڌَئِين، آڳِ اوڏو ئِي نَہ وَڃين، اُلا جي عِشقَ جا، سي تان تُون نَہ سَھِين، اَڃا ٿو…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو مُلَنِ، اُوءِ پِريان ئِي پاسي ٿِئا، ٿا ڳَھَ ڳَھَ ڳالِهيُون ڪَن، ساھَئُون اوڏو سُپِرِين، لوچِئو…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ، پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ، سَرو اُنِ جو سَفَرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ، مَتان ڪَڍين…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيَو. ڏِينھَن پُڄاڻُون آڻي اَسان کي، مَولا مُحِبُ مِلائِيو، وِيو وِڇوڙو، ٿِيو مَيلاپو،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- کاءِ نَہ کَٽَڻَھارُ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري، اَگَرَ اوڏو نَہ وَھي، سِر کَنڊَ لَھي نَہ سارَ، لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چانگا چَندَنُ نَہ چَرين، مَياپِيين نَہ موڪَ، اگَرَ اوڏو نَہ وَھين، ٿُڪِئو ڇَڏيين ٿوڪَ، لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪِھَڙي اَکَرِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- سُڪِيءَ ٻُڏَنِ جٖي، ساھَڙُ ڏانِي تَنِ جو، لَهرِنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، ڪُلَهنِ چاڙِھِئو نِئي، جٖي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تَنِ اُماڻي…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ، ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ، دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- پَسِي ڏُونگَرَ ڏاھَ، جِمَ ھَلَڻَ ۾ ھيڻِي وَھين، لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاھِ، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچاڻِي باھِ،…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ھُوندِئان ھوتُ پَري، اوڏو آھِ اَڻَ ھُوندِ کي، ساڄَنُ تَنِ سَري، ”لا“ سين لَڏِينِ جي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- مُڙِئو سِڄُ مَٿان، پوڃاڙِي پَيدا ٿِي، سِڄُ مَٽائي ساءُ، اُلَهَڻَ کي اوڏو ٿِئو.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- اوڏو ڪاڪِ مَ ٿِيءُ، مَتان مَنجِهين رَھين، ڏي وَراڪا وِچَ ۾، وِھَ گاڏُئُون وِيءُ، جَي ڀاويئِي تَہ پِيءُ، نَہ تَہ…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سَڱَ سَڀَيئِي ڇَڏِ، اوڏو ٿِيءُ الِفَ کي، مَنُ مِيمَ سين گَڏِ، ھِئان لاھُوتِي لَڏِ، تَہ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- مَٿي کان مَٿي، جوڳِيءَ ڏِنِي جُوءِ، اوڏو ٿِو اَلَکَ کي، وَڃِي رُوبَروءِ، بابُو چَکِي بُوءِ، مَنجهان باغَ بَقاءَ جي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي، اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ، ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها…[ سُر رِپ - وايون ]
- جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ وِھَ جو وَرَنُ کَرو، مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪرُ ڪِينَ ٽَرِئو، وَعدي جو نَہ وَرِئو،…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، مَڻِيو تَنِ مَٿَنِ، ماٺِ مَرتَبو اُنِ جو، وَسان ڪِينَ ڪُڇَنِ، اوڏو وَڃي جو اُنِ، تَنھِن…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]