ڇَپَرُ بابت
معنيٰ
ڇَٽ ڇانءَ لاءِ ڍَڪُ ڪکائين ڇِت. ڪَکائين مَنَھن جي ڇِتِ. سِرَن ۽ ورن سان ٻڌل لانڍي. ڍَڪُ، ڇانءَ. لِڪَ. آڌار، ڏَڍُ ”ڇپر ڇانء“. اک جو مٿيون پردو، پَلَڪُ، ڀڏرُ. جبل، ڏونگَر.
Shadow, shade, roof. An eyelid. Grass thatched on a frame and put up for roofing. Highlands, a range of hills.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، ڇَپَرُ ڇُلُ مَ تُون، مَنجهان لَڌو مُون، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- موٽِي ٻَڌُ ٻِھارَ، سُورائِتِي سَندِرو، ڇَپَرُ تُھان ڌارَ، ڪانَہ ڏورِيندِي ڏُکَ سين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڇَپَرُ ڏيئِي ٻَنِ، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، جِتِ ڪوھِيَرا ڪافَ جا، ٻَھَ ٻَھَ ٻاڦُون ڪَنِ، موٽُ مَرَندِيئَن سَسُئِي، تُون نَہ…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو، لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي، وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ، پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀُو ۽ ڪارَو، پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو، وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ، ٿا لَڳَھَ لَڳَنِ پاڻَ ۾، آئُون پِيادِي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ، اَرڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪِرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ، سوڙِھا…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- پَسِي اُڃَ اُساٽَ، ڏُونگَرَ کي ڏارُ پِئو، سَسُئِيءَ جي سُورَنِ جِي، لَڪَ مَٿي لاٽَ، ڇَپَرُ مِڙيوئِي ڇاٽَ، مُنڌَ پارَ ڪَڍي…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڇڏِئو جَنِ ڀَنڀورُ، ڇَپَرُ تَنِ کي ڇاڙِڪِي، ھَمَ غَمَ لَٿَنِ ھور، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ڇُلَندِيَسِ سَڀَ ڇَپَرُ، پُٺِيءَ پيرِ پُنهونءَ جي، سيڻَنِ لاءِ سَفَرُ، وَڻِيَمِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- پَرَ وَسِ ٿِئَمِ پَرياڻُ، پِرِين وَسِ نَہ پانھِنجي، لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ، پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ، ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- پيھِي ڇَپَرُ پَسُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو، توکي ڏِيندا ڏَسُ، ڏوٿِي آھِينِ ڏيھَ ۾.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- لائِي جَا وِڙَنِ کي، سا ڪانڌَ مُنھِنجي ڪورَ، ڇَپَرُ کَٿُورِي ٿِئو، ٻِي تازَڙِي ڦُلَنِ ڦورَ، اَچَنِ پِرِين پَٻَکِئا، ڪَرَ ٻاٻِيھو…[ سُر ڏھر - وايون ]