ڇَپَرُ جي سنڌي معنيٰ
ڇَٽ ڇانءَ لاءِ ڍَڪُ ڪکائين ڇِت. ڪَکائين مَنَھن جي ڇِتِ. سِرَن ۽ ورن سان ٻڌل لانڍي. ڍَڪُ، ڇانءَ. لِڪَ. آڌار، ڏَڍُ ”ڇپر ڇانء“. اک جو مٿيون پردو، پَلَڪُ، ڀڏرُ. جبل، ڏونگَر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Shadow, shade, roof. An eyelid. Grass thatched on a frame and put up for roofing. Highlands, a range of hills.
ڇَپَرُ جا بيتن ۾ حوالا
ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، ڇَپَرُ ڇُلُ مَ تُون،
مَنجهان لَڌو مُون، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 17 ]
مَنجهان لَڌو مُون، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 17 ]
موٽِي ٻَڌُ ٻِھارَ، سُورائِتِي سَندِرو،
ڇَپَرُ تُھان ڌارَ، ڪانَہ ڏورِيندِي ڏُکَ سين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 4 ]
ڇَپَرُ تُھان ڌارَ، ڪانَہ ڏورِيندِي ڏُکَ سين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 4 ]
ڇَپَرُ ڏيئِي ٻَنِ، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري،
جِتِ ڪوھِيَرا ڪافَ جا، ٻَھَ ٻَھَ ٻاڦُون ڪَنِ،
موٽُ مَرَندِيئَن سَسُئِي، تُون نَہ پُڄَندِينءَ تَنِ،
ھِيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ، مَرَڻَ مُنھِنجي لاءِ ڪِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 22 ]
جِتِ ڪوھِيَرا ڪافَ جا، ٻَھَ ٻَھَ ٻاڦُون ڪَنِ،
موٽُ مَرَندِيئَن سَسُئِي، تُون نَہ پُڄَندِينءَ تَنِ،
ھِيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ، مَرَڻَ مُنھِنجي لاءِ ڪِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 22 ]
اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو،
لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي،
وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 19 ]
لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي،
وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 19 ]
اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]

ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀُو ۽ ڪارَو،
پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو،
وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 18 ]
پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو،
وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 18 ]
پَسِي اُڃَ اُساٽَ، ڏُونگَرَ کي ڏارُ پِئو،
سَسُئِيءَ جي سُورَنِ جِي، لَڪَ مَٿي لاٽَ،
ڇَپَرُ مِڙيوئِي ڇاٽَ، مُنڌَ پارَ ڪَڍي پاڻِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 23 ]
سَسُئِيءَ جي سُورَنِ جِي، لَڪَ مَٿي لاٽَ،
ڇَپَرُ مِڙيوئِي ڇاٽَ، مُنڌَ پارَ ڪَڍي پاڻِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 23 ]
ڇڏِئو جَنِ ڀَنڀورُ، ڇَپَرُ تَنِ کي ڇاڙِڪِي،
ھَمَ غَمَ لَٿَنِ ھور، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 3 ]
ھَمَ غَمَ لَٿَنِ ھور، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 3 ]
ڇُلَندِيَسِ سَڀَ ڇَپَرُ، پُٺِيءَ پيرِ پُنهونءَ جي،
سيڻَنِ لاءِ سَفَرُ، وَڻِيَمِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 34 ]
سيڻَنِ لاءِ سَفَرُ، وَڻِيَمِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 34 ]
پَرَ وَسِ ٿِئَمِ پَرياڻُ، پِرِين وَسِ نَہ پانھِنجي،
لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ،
پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري وِئا خُوابَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 11 ]