ڇَپَرِ جي سنڌي معنيٰ
ڇَٽ ڇانءَ لاءِ ڍَڪُ ڪکائين ڇِت. ڪَکائين مَنَھن جي ڇِتِ. سِرَن ۽ ورن سان ٻڌل لانڍي. ڍَڪُ، ڇانءَ. لِڪَ. آڌار، ڏَڍُ ”ڇپر ڇانء“. اک جو مٿيون پردو، پَلَڪُ، ڀڏرُ. جبل، ڏونگَر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Shadow, shade, roof. An eyelid. Grass thatched on a frame and put up for roofing. Highlands, a range of hills.
ڇَپَرِ جا بيتن ۾ حوالا
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون چانگارِينِ،
شِيشا لالَ گُلابَ جا، ڇَپَرِ ڇاٽارِينِ،
مَنزَلُون مَيَنِ جُون، مَعذُورِ کي مارِينِ،
جيڏِيُون جِيارِينِ، رَھَنِ راتِ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 15 ]
شِيشا لالَ گُلابَ جا، ڇَپَرِ ڇاٽارِينِ،
مَنزَلُون مَيَنِ جُون، مَعذُورِ کي مارِينِ،
جيڏِيُون جِيارِينِ، رَھَنِ راتِ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 15 ]
ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، ڇَپَرِ ھَڏِ مَ ڇُلُ،
آرِياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿِئو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 16 ]
آرِياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿِئو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 16 ]
ڇَپَرِ وِجَهندِيَسِ پاڻُ، اَڃا ڀيرو ھِڪِڙو،
مَرُ جانْ جانِ جُدا ٿِئي، لَڳِي لَڪَنِ ساڻُ،
ڪيچِيَنِ تان قُربانُ، ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 21 ]
مَرُ جانْ جانِ جُدا ٿِئي، لَڳِي لَڪَنِ ساڻُ،
ڪيچِيَنِ تان قُربانُ، ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 21 ]
ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، ماڻِيائِين مَزا،
پَريٽِ کي پَٻَ ۾، ڪارِئو پَنڌُ قَضا،
وَسِ نَہ ويچارِيءَ جي، سَندِي رَبَ رَضا،
مَٿان جانِ جَزا، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 23 ]
پَريٽِ کي پَٻَ ۾، ڪارِئو پَنڌُ قَضا،
وَسِ نَہ ويچارِيءَ جي، سَندِي رَبَ رَضا،
مَٿان جانِ جَزا، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 23 ]
ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، سينڌِي ٿِي مِرُنِ،
ڪامُون ھَڻِئو ڪَرَھا، ڪاھِيو ڪيچِ وَڃَنِ،
مُون سين ڪيرَ ھَلَنِ، مَدِي رَکَنِ مَنَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 24 ]

جيڪِي چَيُس جيڏيين، سو نَہ ڪِئائِين ڪَنِ،
مَعذُورِ مَرَڻُ مَنِ، ڪيچِنِ لاءِ قَبُولِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 25 ]
جيڪِي چَيُس جيڏيين، سو نَہ ڪِئائِين ڪَنِ،
مَعذُورِ مَرَڻُ مَنِ، ڪيچِنِ لاءِ قَبُولِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 25 ]
ڏُکِي ڏُکُ مَٿي ڪَري، وانءُ ڇَپَرِ پيھِي،
گَڏِبِئِي ڏيھِي، سُوڌِيُون ڏِيندَءِ خَبَرُون.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 7 ]
گَڏِبِئِي ڏيھِي، سُوڌِيُون ڏِيندَءِ خَبَرُون.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 7 ]
ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، جَڏھِن پيئِي ڇا،
راڻَنِ ۾ رُڻِڪو ٿِئو، دَرِ دَرِ پيئِي دانھَن،
ساٿَ آيو سَرواڻُ، اَدِيُون اَڄُ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 9 ]
راڻَنِ ۾ رُڻِڪو ٿِئو، دَرِ دَرِ پيئِي دانھَن،
ساٿَ آيو سَرواڻُ، اَدِيُون اَڄُ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 9 ]
جَڏھِن پيئِي ڇَٽَ، ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي،
پَرَھي ويٺِيُون پَتَ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 10 ]