چارَڻَ بابت
معنيٰ
ھڪ قبيلي جو نالو. ڳائڻو، ڳائڻا، راءِ ڏياچ جو سر وڍيندڙ سازندو.
Name of a tribe, singers, musician who slaughtered Roy Diyach's head.
بيتن ۽ وائين ۾
- اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين، چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين، ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين، وينَتِيُون…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ، تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ، دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا،…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِئو، گهُرِيُئِي سو گهورِيان، گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان، ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ چَنۡگُ ٻَنگُ لَھِي، وَڄايو وَڏاڻُ، سِرَ جو ھَڏِ آسانُ، پَرَ مَڱَڻَھارُ مَٿي وَھي.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا، صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا، تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ جو، عَجَبُ آھِمِ اِيءُ، جِيئَن ھَڻين اُڀو ھَٿَنِ سين، جِيئَرو رَکِئو جِيءُ، راتِ مُنھِنجو رِيحُ، ڪاٽِئو تو…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ ۾، توحِيدَ جِي تَنوارَ، وَحدہ لاشرِيک لَهُ، اِھيئِي آچارَ، مُون کي تَهِين يارَ، فِڪرَ ڦِريشانِئو.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ چورِئو چَنۡگُ، مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ، ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڏاتَرَ ۽ مَڱَڻي، ڪو نَہ وَسِيلو وِچِ، سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ، جَي ھُتي جَي ھِتِ، تَہ ڳالِهہ…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ٽيئي پَرچِئا پاڻَ ۾، تَندُ ڪَٽارو ۽ ڪَنڌُ، تَنھِن جِھوئِي ناھِ ڪِي، جِيئَن تو چارَڻَ ڪِئو پَنڌُ، اِيءُ شُڪُرُ اَلحَمدُ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ، سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ، چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ، نارِيُون…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ڏيٺي سين ڏاتارَ، يارَ، ڪِي موچارِي مَڱڻي، اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ، سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،…[ سُر سورٺ - وايون ]
- ڪا ڪِيرَتِ سَنڀاھِ، چارَڻَ چوٽاڻِيءَ مَڻي، وائِي ڄاڻي سَڀَڪا، جيڪا ڪَرِيين سا، لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- چارَڻَ وَسَ نَہ ڪا، تَہ ڪا ڪِيرَتِ جِي ڪَري، جَنِي سَندو مَڱِڻو، ھَٿِ تَنِي جي آھِ، جَي ڳارائينِسِ تَہ ڳاءِ،…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ٻُجهان ٻاجَهہ ٿِي، ٻاجهاڻو ٻيلي ڌَڻِي، سَٻَڙَ سا سُئِي، جا چارَڻَ جي چِتَ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جَنِ سُکوئِي ناھِ ڪو، چارَڻَ سي چَئِجَنِ، روُنجهي راھَ پُڇَنِ، مَٿي ڪُلَهنِ ڪِينِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]