لُڙُ بابت
معنيٰ
لُڙاٽُ، ڌُنڌ، ڪوھيڙو، ڊونگرُ، غبارُ، انڌڪار، ماڪ، اوندھ. هُلُ، شور، گوڙ، واڪو واڪاڻ، رڙورڙ، مونجهارو، گڙٻڙ، گهمسان، ٻائيتالُ، بگيڙو، رولو، گِهمگوڙ، ماڇانگ، ھنبس، غلغلو، هُلڙُ، هنگامو، ڌَمچَرُ، مَمَڻُ، خَرخو، (گهڻن ماڻهن جو) آواز، هُل ”ڪانوَ کِي لُڙ ۾ مزو“. جهيڙو، فساد، بدامني، بي امني. ميرو پاڻي، اونهو پاڻي، ميلُ مَرُ، تِک. پاڻيءَ جي جنس، لُڙو، پاڻي، درياءُ (ڪارايل). واھ جو جوش ۽ تِک.
Muddy, turbid. Muddiness, a fog, mist. Noisy chatter, clamor, confusion, tumult, riot.
بيتن ۽ وائين ۾
- لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ، جِتي اَتُ نَہ آبَ جو، اَلا اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ، جوکو ٿِئي مَ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ، لُڙُ لَنگهائي سُهڻِي، پِرتِ وِجَهندِيَئيِ پارِ، تُرتُ لنگهِنديُون تارِ اُڪَنڊَ آڳَھُ جَنِ جو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ، آڻِيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڌِي ٻوڙي ٻيٽَ، جِتِ چِڪَڻِ جِي چَپيٽَ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- کَرَڪَنِ ڪِئو کَڙو، مُنھِنجو مَنُ ميھارَ ڏي، آڏو لُڙُ لَطِيفُ چئَي، لَهرِيُون لَسَ لَڙو، چارِي ٿِيُمِ چَڙو، ٻُرِي ٻيلايَنِ جو.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون لُڙُ لِڱَنِ لائي، آندا ڪَؤُنئرَ ڪُنڊِيين، پُورَنِ ۾ پائي، ميھارُ مَ لاھي، مِھرَ پَنھِنجي مالَ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ٻيٽَ، لُڙُ لَنگهِينديُون ليٽَ، ڪَلمي جي قَرارَ سين.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- سانڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چَونِمِ آءُ، ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو لُڙُ لَهرِيُون ۽ واءُ، آڳَھُ جَنِ اللهُ، ٻُجهان…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڪَچي ساڻُ ڪَھي، پَڪو پُڇي نَہ سُهڻِي، لَنگِهئو لُڙُ لَطِيفُ چئَي، وَڇارَنِ وَھي، سا ڪِيئَن نِينھُن نَھي، جَنھِن کي نِينھَن…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾، کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ، آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- جَنِي سَندو ڪُتو، سي جَي چُونِسِ آءُ، لُڙُ لَهرِيُون واءُ، ڪُتي سَڀَ قَبُولِئا.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- اوڏو ڪاڪِ مَ ٿِيءُ، مَتان مَنجِهين رَھين، ڏي وَراڪا وِچَ ۾، وِھَ گاڏُئُون وِيءُ، جَي ڀاويئِي تَہ پِيءُ، نَہ تَہ…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- وَحدَہٗ وائِي، چَڙَهندي چَيائُون، سو لُڙُ لَنگِهئائُون، جِتِ پارَکَ پَکِيان.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- اَڇو آبُ لُڙُ ڪِئو، ڪالوڻِئو ڪَنگَنِ، اِيندا لَڄَ مَرَنِ، تَنھِن سَرَ مَٿي ھَنجَڙا.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- لُڙُ جو ھيٺِ لَئي، وِٺِنِ ھَڻِي وِڃايو، پِيتو تَنِ پييُون، جائُون مَنجِهہ جَئي، ڊوڙُون مَنجِهہ ڊَھي، ڪَنگَ ڪُڄاڙِئان پائِيين.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ھارِئا ھَنجَ ٻَگهَنِ سين، ڪِھَڙِي ٻَڌين ٻيلَ، ميرو مَٽائي تُون، اَڇي ڪَرِ اُڪيلَ، ڪَنگَنِ سين ڪويلَ، لَلا جِمَ لُڙُ پِيين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]