سِرِي بابت
معنيٰ
سِسِي، منڍي، مٿو ۽ ڳچي.
The head and neck, a corpse.

بيتن ۽ وائين ۾
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ وَٽِ، ڪَندا ڪانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ ساءِ، ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ جَهلَ، ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا، جانڪِيتان ٿو جِيءُ، مَٿي اَڙِنِ اُسِرِي، رُڪَ پِيالو پِيءُ، ڳاھُ ڳِجُهِن جو ٿِيءُ، ويٺي جَنِ وَرِھَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناھِ، بُکِيءَ کِلَ نَہ اُڄَھي، اُگهاڙِيءَ وِھانءُ، وِئو وِروھَڻُ وِسِرِي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ھي جٖي آيا ھيرَ، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾، آئُون تَرسان ھُو تَڪِڙا، پَٽِ نَہ کوڙِينِ پيرَ، ڀَنڀُولِيَسِ بَرَنِ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- سَسُئِيءَ جي سِرِيءَ سين، ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌِي، لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، آرَياڻِيءَ آندِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، مُنڌَ ھُئِي ماندِي،…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ وَٺِي سِرِي، سِسِي تَنھِن سُلطانَ کان، اَچِي گهوٽَ گهُرِي، تَنھِن ھَنئِي تَندُ طَبِيلَ ۾، پِئا ڪوٽَ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ڪا جَا تَندُ ڪُماچَ جِي، سُتي سُئائِين، موٽِي مَڱڻَھارَ کي، پَرِ ۾، پُڇِيائين، ڪِي تُون مَڱِڻو مالَ جو، ڪِي سِرِي…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- وييُون ڪَنھِن وِڳَھَ تَڙِ، ڀيرا ڀَڃِي ماءِ، آتَڻَ مَٿي اُسِرِي، آيَسِ اُنِين لاءِ، تِئان ھِتِ نَہ ڪا، آتَڻِ ڪِتُمِ جَنِ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- مَٿِنِ ٽُوھَ ٽَسڪَڙا، چِڪَندَڙا اَچَنِ، کُڙِيُون کيھَ ڀَڪُليُون، پَگهَرُ سِرِي پيرَنِ، اِيءُ وَڙُ ويڙِهيچَنِ، مُون لوڏانِئي لَکِئا.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- هِڪَ سِرِي هِڪُ ساھُ، ٻِئو ناھِ جو ٻِئَنِ ڏِيان، ڄاڻي هيڪُ اللهُ، سو تان کيتَ خَرِيدَ ڪِئو.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- ناڙِيُون ڄارِيُون، مُون کي مَنِ مَلِيرَ جُون، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسِرِي، جي پائُر پَنوَهارِيُون، اُنِهين لَيءِ آرِيُون، هِنيُون ٿو هِتِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- ميرِي جي ڏُٻِرِي، مَرُ مَٿي هوءِ، مَتان مارُو چوءِ، تَہ واچا وييَئِي وِسِرِي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]