سِرِي جي سنڌي معنيٰ
سِسِي، منڍي، مٿو ۽ ڳچي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The head and neck, a corpse.
سِرِي جا بيتن ۾ حوالا
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ ساءِ،
ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 9 ]
ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 9 ]
مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ وَٺِي سِرِي،
سِسِي تَنھِن سُلطانَ کان، اَچِي گهوٽَ گهُرِي،
تَنھِن ھَنئِي تَندُ طَبِيلَ ۾، پِئا ڪوٽَ ڪِرِي،
ھَنڌين ماڳين ھُوءِ ٿِي، تُنھِنجِي ٻِيجَلِئا دانھَن ٻُرِي،
جُهونا ڳَڙُه جُهرِي پيئِي جهانءِ جَهروڪَ ۾.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 13 ]

ڪا جَا تَندُ ڪُماچَ جِي، سُتي سُئائِين،
موٽِي مَڱڻَھارَ کي، پَرِ ۾، پُڇِيائين،
ڪِي تُون مَڱِڻو مالَ جو، ڪِي سِرِي گهُرين سائِين،
ڪَنڌَ ڏي ڪِئائِين، اِشارو آڱُرِ سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 17 ]
موٽِي مَڱڻَھارَ کي، پَرِ ۾، پُڇِيائين،
ڪِي تُون مَڱِڻو مالَ جو، ڪِي سِرِي گهُرين سائِين،
ڪَنڌَ ڏي ڪِئائِين، اِشارو آڱُرِ سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 17 ]
مَٿِنِ ٽُوھَ ٽَسڪَڙا، چِڪَندَڙا اَچَنِ،
کُڙِيُون کيھَ ڀَڪُليُون، پَگهَرُ سِرِي پيرَنِ،
اِيءُ وَڙُ ويڙِهيچَنِ، مُون لوڏانِئي لَکِئا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 18 ]
کُڙِيُون کيھَ ڀَڪُليُون، پَگهَرُ سِرِي پيرَنِ،
اِيءُ وَڙُ ويڙِهيچَنِ، مُون لوڏانِئي لَکِئا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 18 ]
هِڪَ سِرِي هِڪُ ساھُ، ٻِئو ناھِ جو ٻِئَنِ ڏِيان،
ڄاڻي هيڪُ اللهُ، سو تان کيتَ خَرِيدَ ڪِئو.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 26 ]
ڄاڻي هيڪُ اللهُ، سو تان کيتَ خَرِيدَ ڪِئو.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 26 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ وَٽِ،
ڪَندا ڪانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 8 ]
ڪَندا ڪانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 8 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ جَهلَ،
ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 10 ]
ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 10 ]
English Meaning
The head and neck, a corpse.
سِرِي ٻول جا زمرا