سَري جي سنڌي معنيٰ
مٿين پاسي. مٿي. وهاڻي، تڪيي، سِراڻي. شروع، ابتدا کان يا وٽ، مُنڍ سان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The end of anything, extremity. The country of Sindh to the north of Sehwan.
سَري جا بيتن ۾ حوالا
ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري،
وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري،
ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ سَري،
لَاْ يَفُوْتُ وَ لَاْ يَمُوْتُ ، سامِيَنِ ڪِينَ سَري،
ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 27 ]

پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سائُو سَڀَ سَري،
کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري
موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 14 ]
کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري
موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 14 ]
سَري ڪِي نَہ ڪِئونِ، ويڻَ موکِيءَ جٖي مارِئا،
ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ،
تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ مَتارَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 25 ]
ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ،
تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ مَتارَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 25 ]
دَرياھَ ڪَندي دَسَ، ڪِھَڙو سُکُ سَري تو،
پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 19 ]
پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 19 ]
اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جان،
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
ڏِٺي ڏِينھَن ٿِيامِ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِھَڙا پِرِين،
سَھِسين سِجَ اُلَھِي، واجِهيندي وِئامِ،
تَنِي سالَ ٿِيامِ، جَنِ ري سَري نَہ ساعَتَڙِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 13 ]
سَھِسين سِجَ اُلَھِي، واجِهيندي وِئامِ،
تَنِي سالَ ٿِيامِ، جَنِ ري سَري نَہ ساعَتَڙِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 13 ]
سُکين ٿِئي نَہ سَنِري، ڏُکين ڪِينَ ڏَري،
اوري تان نَہ اُڀِيي، پَھچي تان نَہ پَري،
سَرَتِيُون ٿو سَري، ٻِنِهِي ريءَ ٻانڀَڻِ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 27 ]
اوري تان نَہ اُڀِيي، پَھچي تان نَہ پَري،
سَرَتِيُون ٿو سَري، ٻِنِهِي ريءَ ٻانڀَڻِ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 27 ]
ھُوندِئان ھوتُ پَري، اوڏو آھِ اَڻَ ھُوندِ کي،
ساڄَنُ تَنِ سَري، ”لا“ سين لَڏِينِ جي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 7 ]
ساڄَنُ تَنِ سَري، ”لا“ سين لَڏِينِ جي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 7 ]
ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا،
ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ ري، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري،
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکرِي ڏُکَ ڏَرِي،
آءُ اوراھُون سُپِرِين وَڃُ مَ پِيَ پَري،
مُون ڏِٺِي مُون وِسَھو، وِرِچِي تان نَہ وَري،
ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين، ڌَران مُنھَن مَري،
پِيالي پِرِيَنِ جي، موھِيَسِ ميٺَ کَري،
آرِيءَ جِي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،
توکي توءِ نَہ ڇَڏيان، جَي وَڃان ڀُون تَري،
ڌَڙُ وِجَهندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،
ھَلَڻُ سُڻِي ھوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،
پِرِين کَڻِجِ پانھِنجُون، اَکِيُون ٻاجَهہ ڀَري.
[ سُر حسيني، وايون، 32 ]

آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين، پِرِين ھُئَين پَري،
ھَڏِ نَہ ساھَ سَري، تَنَ تَسَلِي نَہ ٿِيي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 6 ]
ھَڏِ نَہ ساھَ سَري، تَنَ تَسَلِي نَہ ٿِيي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 6 ]
English Meaning
The end of anything, extremity. The country of Sindh to the north of Sehwan.