ھَلَندي بابت
معنيٰ
ڄُلندي، گڏ ٿيندي، ويندي، ساڻ سفر ڪندي
To move, go, proceed, shake, beat as the pulse, get on, last, pass current, to have a sale.
بيتن ۽ وائين ۾
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پَٽِنِ وَڏو پَنڌُ، ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ، ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ٿَڪِيائِي ٿَرُ ٿيلِهہ، چَڙُه چُڪِيائِي چوٽِيين، ھَلَندي ھوتَ پُنهون ڏي، ڀَؤَ مِڙيئِي ڀيلِ، اُٿِي رائو ريلِ، ويٺِيَنِ تان وارِي وَري.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون، ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو، سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو، پُڇان ٿِي پُنهونءَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون، پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون، سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ، اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ، لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ، پُرڻُ پُنهونءَ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا ڏوھَ، ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ، ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻي، گَسَنِ تان مَ گُسانِ، لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، رِڙِھِي مانَ رَسان، پُنهون شالَ پَسان، وِھان تان نَہ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڇَپَرَ ۾ ڇُلان، پاٻوھَ پُنُوھَ ڄامَ جِي، سَرَتِيُون ڪِيئَن سَلان، سارِئو تَنھِن سَردارَ کي، اَندَرِ روھَ رُلان،…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ڪارِي ٿِي قِيامَ، ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ، مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڏيرَنِ کي ڏائو، ھيرَ ھَلَندي مَ ٿِئي مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پارائو، رِڃُنِ جو رائو، ڪَپي پيرَ پِيادِيين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ھئَي ھئَي حادِثو، ھوتَ ھَلَندي جو ڪِئو، ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو، مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ھوتَ ھَلَندي جي ڪِيُون، مُون سين ڳالِهڙِيُون، ھاڙِھي وِندُرَ وِچَ ۾، سَمَرُ سي ٿِيَڙِيُون، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي پِرِينءَ پُڄاڻا…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]