ڳائِي بابت
معنيٰ
ڳالهہ ٻولهہ، ذڪر، ڳائڻ، چُڻ ڀُڻ، چوٻول. (ڳائڻ ۽ ڳالهائڻ مان اصطلاح)
Talk, word, chit-chat, speech, discourse, story, tale.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويٺو تُنَ تُنِيس، مَکِ ڏِھاڙِي مَڪُڙِي، سَنباھَي سَيِّدُ چئَي، مَٿي نائُوءَ نِينسِ، وَٽائي وَڏاندَرا لاڄُو لَڳائِينسِ، آخِرِ اُھَرائينسِ، تَہ جوکو…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ڏَکا ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ، پُوندا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ، سَڳائِيءَ جِي سَيِّدُ چئَي،…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي، ٿِي ڊوڙائي دَلِيلَ، تَہ پُنهونءَ ماڻُهو موڪِلِئو.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اوڳِي اَوائِي، لاڳاپَنِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ رائِي رَھائِي، ڪانَہ ٽُھارِي ٽَڪَرين ساڻُسِ سَڳائِي، جَلَڻُ جَڏائِي، آرِي لاھِ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- ڳائِي نَہ وائِي، اَدِيُون آرِيچَنِ جِي، ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لَنگهِيان، جَبَلُ جاجهائي، جيڪُسِ واجهائِي، ھاڻِ مَرَندِي ھوتَ لَيءِ.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- وِئو جاڳائِي جَتُ، ويرِي ڪَنھِن وِلاتَ جو، سَندو سُورَنِ خَطُ، ڏِنُمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- اُٿِيو ۽ اُٿِياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، وِئو جاڳائِي جيڏِيُون، بِرھُ ھو بيباڪُ، چُرڦُر ڪاري چاڪُ، سُورُ سُمَهاري ڪِينَ ڪِي.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻِيجَلَ ٻُرائِي، راجا رَتولَنِ ۾، وَرَنائِي وائِي، ڪوٺايائِين ڪوٽَ ۾، ٻارَٽُ ٻاجهائِي، راجا راڳائِي، ھَردوئِي ھيڪُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪَنِي ڪَنِي ماڻهين، پيئِي ڪَلَ ڪائِي، رَسِئا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسِي پائِي، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، وَرَتِي اِيءَ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ميڙِيو ڀاڻُ ڀَريُون ڪَري، جوڳِي جَلائِينِ، سامِي سِڱَڙِيَنِ سين، خُودِيءَ کي کانِئينِ، ھُوءِ جٖي تارَ نَہ تَڳائِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ڏَڏُ ٿِي گُهرُ، ڇَڏِ وِڄا جِي وائِي، سَمي راتِ سَنباھِئا، تازِي تو لائِي، جو ڄاڻي نَہ ڳائِيۡ، تَنھِن سين ٻيلي…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- وَڏَڙا ڏانَ ڏِنائِين، کَنيائِين رَختُ ريزالَنِ جو، ڏاتِيُوم ڏي ڏَڏَنِ کي، سونُ سَراھِيُون سائِين، اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- ڪَنھِن جاڳائِي جَنجِريِ، پاڻان پيرُ ھَڻِي، جُھ ڏاڙوُن ڏاڙُنِ ويٺيُون، تَہ ويندو وِھُ وَڻِي، اَللہُ جَنِ ڌَڻِي، ڪوھُ ڪَرِيندو تَنِ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]