ڪِيَئِي بابت
معنيٰ
تُون ڪئي، تون کان ٿي
You done, you did.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھارِئَا تو ھِرِي، ڪُپَجُ ڪايا سين ڪِئو، ڪِيَئِي جَي ڪِرِي، تَہ تُون تَوانو ٿِيين.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ھُئَين تَہ ويڄَنِ وَٽِ، تُون ڪِيئَن جِيءَ جَڏو ٿِئَين، سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، ڪوھُ نَہ ڪِيَئِي ڊَڀَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ھِڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ ڪَري اَڌَ، اِيءَ تان شاعِرَ سَڌَ، ڪِيَئِي جا قَوالَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين ڀَرِ اَڏِ مَ نِجِهرو، ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ، مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- پھرِين تُون پاريجِ، پارَڻُ پوءِ پُنهونءَ تي، ٻولُ وِساريجِ، ھُو جو ڪِيَئِي ھوتَ سين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ٻَھران ٻِي ٻِيَن سين، مَنجِهہ ڪالُهوڻِي ڳالِهہ، سا تان تُون سَنڀالِ، ھُوءَ جَا ڪِيَئِي ھوتَ سين.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پِرِين، ھِيئَن نَہ مُناسِبُ ھوءِ، لائي چِتُ چَرِئَو ڪَري، پاڻُ ڪَڍِي وِئين پوءِ، توڻي حُبَ نَہ ھوءِ،…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پِرِين، مُون نَہ ڄاتو اِيئَن، ھِيُون ھيرائي ھَٿِ ڪَري، ھَلِيو ويندين ھِيئَن، سا سِڪَ سَلان ڪِيئَن، جَنھِن…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا رَنگَ رَتولَ ، تو پُڄاڻا سُپِرِين، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ، جي مُون سين ڪِيَئِي قولَ، سي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي ڪِيَئِي اُڪِيرَ، گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ، تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، نَہ کِلي نَہ کاءِ، عُمَرَ جي اِنصافَ جا، ويٺِي واساما ڳاءِ، ھِيءَ جَا ڪِيَئِي ھاءِ، مَھِندان…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]